ڪمار شاهاڻي

ڪمار شاهاڻي

ڪمار شاهاڻي

ڪمار شاهاڻي: ڪمار شاهاڻيءَ 7 ڊسمبر 1940ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ ئي ورهاڱي سبب ڀارت لڏي ويو، جتي هن اِبتدائي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي، اُن کانسواءِ هن ’فلم اينڊ ٽيليويزن اِنسٽيٽيوٽ آف اِنڊيا ۽ فرانس ۾ پڻ فلمسازيءَ جي اعلى تعليم حاصل ڪئي. 32 ورهين جي عمر ۾، ’1972ع ڌاري فلم ’مايا درپن‘ ۾ هدايتڪاريءَ سان پنھنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪيائين. ڪمار شاهاڻي ’هندستاني متوازي سئنيما‘ جي بانيڪارن مان هو ۽ لڳاتار سٺ سال هندستان جي فلمي صنعت سان وابستہ رهيو. هن ’ڀارتي فلمي صنعت‘ ۾ هڪ اُستاد ۽ سئنيما جي گهڻ ڄاڻو جي حيثيت سان هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي. هو 24 فيبروري 2024ع تي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ ڪمار شاهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.12.07  عيسوي

ڪمار شاهاڻيءَ 7 ڊسمبر 1940ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.


2024.02.24  عيسوي

ڪمار شاهاڻي 24 فيبروري 2024ع تي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير حسام الدين راشدي
جھانگير خان ڪرڪيٽر
حاتم طائي
وزير علي ڀنڊ
الھہ بخش سگهڙ2
رحيم بخش شيخ
شفيع محمد ميان حڪيم
ارشاد علي شاھہ
ڄامڙو مريد علي ( راڳي)
قاضي قمرالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون