ڪلپنا ديوي

ڪلپنا ديوي

ڪلپنا ديوي

ڪلپنا ديوي: ڪلپنا ديوي 2 آڪٽوبر 1971ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن 1993ع ڌاري شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان بي. اي ۽ 1997ع ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي (وڪالت) جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سکر جي هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد طور ڪئي. 1998ع کان وڪالت جي شروعات ڪيائين. کيس ننڍي کنڊ ۾ هندو پئنچائت ۾ پھرين عورت چيئرپرسن چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي. ان کان سواءِ هُوءَ 2016ع کان بحيثيت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جون ذميواريون نڀائي رهي آهي. ڪلپنا ديوي هڪ سماج سڌارڪ بہ آهي، جنھنڪري هُوءَ ڪيترن ئي ادارن جي قانوني صلاحڪار پڻ آهي، کيس، راندين سان بہ تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. 1987ع ۾شاگرديءَ واري زماني دؤران والي بال رانديگرياڻي طور بھترين ايٿليٽ جو ميڊل حاصل ڪيو. هن وقت تائين علمي ۽ سماجي ميدان ۾ سندس خدمتن جي مڃتا عيوض کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. ڪلپنا هڪ سٺي ليکڪا بہ آهي، سندس مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا ۽ هُوءَ شاعري بہ ڪندي رهي ٿي. اڄڪلھہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر بہ آهي.


لفظ ڪلپنا ديويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.10.02  عيسوي

قانوندان، ليکڪا ۽ شاعره ڪلپنا ديوي 2 آڪٽوبر 1971ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غالب مرزا اسدالله خان
شھاب الدين صوفي
شريڪانت صدف
غلام شاھہ لغاري نواب
ارشاد احمد آدرش شيخ
ذوالفقار راشدي
استاد بخاري
گل محمد رند
ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ٺاڪر
ڪونج بلوچ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون