ڪلري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ حيدرآباد کان ٽنڊي محمد خان ڏانھن ويندڙ رستي تي گنجي ٽڪر جي اوڀر ۾ ڳوٺ کٿڙ ويجهو موجود آهي. هن ڍنڍ ۾ برساتن ۾ گنجي ٽڪر جو پاڻي وهي اچي پوي ٿو. هن ڍنڍ سان گڏ ئي پاٻيڙو ڍنڍ بہ آهي. هي ٻئي ڍنڍون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. ڪلري نالي جي حوالي سان چون ٿا تہ ان ۾ گهڻي وقت کان سم يا ڪلر وارو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، تنھنڪري ان کي ڪلري سڏجي ٿو. موجودہ وقت ۾ ڪلري ڍنڍ ۾ مڇي ججهي تعداد ۾ ٿئي ٿي. هيءَ ڍنڍ مقامي رهواسين جي روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل آهي. ڍنڍ جو انتظام فشريز کاتي وٽ آهي.