
ڪلاچ ڍنڍ
ڪلاچ ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ تاريخي ۽ قديمي ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ناري ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهہ چار ڪلوميٽر ۽ ويڪر اڌ ڪلوميٽر آهي، هن ڍنڍ جي نالي بابت چيو وڃي ٿو ته، ”ڪلاچ ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ وڏو ’ڪُن‘ هوندو هو، جنھنڪري هن ڍنڍ کي ’ڪلاچ‘ سڏيو ويو. هڪ روايت هي بہ آهي تہ ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ جاري ’حُر تحريڪ‘ دوران فرنگين سان حُرن جي جوٽيل جنگ ۽ معرڪن ۾ شھيد ٿيل حرن جي لاشن کي انگريز ڪلاچ ڍنڍ جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏيندا هئا. موجودہ وقت ۾ ڪلاچ ڍنڍ ۾ پکي گهٽ لڀن ٿا، پر مڇي گهڻي تعداد ۾ آهي. ان ڪري هيءَ ڍنڍ مقامي رهواسين جي روزگار جو وسيلو آهي اڄڪلھہ ڍنڍ جو انتظام فشريز کاتي حوالي آهي.