ڪشنچند پارواڻي

ڪشنچند پارواڻي

ڪشنچند پارواڻي

ڪشنچند پارواڻي: سياستدان ڪشنچند پارواڻي 17 جولاءِ 1939ع تي ڪندو مل پارواڻيءَ جي گهر، پيرونمل، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. گريجوئيشن 1960ع ۾ شاھہ لطيف ڪاليج ميرپورخاص مان ۽ ايل. ايل. بي، 1962ع ۾ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1979ع ۾ سانگهڙ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. هي 1988ع، 1990ع ۽ 1993ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم. اين. اي چونڊيو. 1992ع ۾ بلخ شير مزاريءَ جي نگران حڪومت ۾ اقليتي معاملن جو وزير بہ ٿيو. 1997ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 2002ع ۽ 2008ع جي اليڪشن ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ٽڪيٽ تي عمرڪوٽ جي تڪ اين. اي 228 تان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن وڙهيو پر ٻئي ڀيرا هارائي ويو. 2013ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ق) پاران مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن، منسٽري آف پراڊڪشن ۽ انڊسٽريز کان سواءِ اقليتي معاملن جي ڪاميٽين جو ميمبر رهيو. ڪشنچند پارواڻي ميرپورخاص هندو پنچات ۽ لوئر سنڌ هندو پنچائت جو 1981ع کان ڪيترا سال صدر رهيو آهي. 1986ع کان سماجي ۽ پئنچائتي ڪمن ۾ سرگرم رهندو پيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.07.17  عيسوي

سياستدان ڪشنچند پارواڻي 17 جولاءِ 1939ع تي ڪندو مل پارواڻيءَ جي گهر، پيرونمل، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خيرو اوٺوال
ادريس جتوئي
پرمانند ميوارام
هري شوداساڻي
پسند علي عاصي
عزيز سانگي
ارڏو اترادي
حاجي ابو طالب اگهمي
پيريڪلس
راس مسعود حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون