
ڪشنچند جيٽلي
ڪشنچند جيٽلي: پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. آڳاٽي سنڌ جي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جو خاص اڀياس ڪري، ويدن واري زماني بابت ڪافي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا. سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌ جي تاريخ بابت سندس سؤ کان بہ وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. 1942ع ۾ مختـلف تعليـمدانـن ۽ مفڪــرن سنـڌ ۾ ’وڪـرم يونيـورسـٽي‘ برپا ڪرڻ جي رٿ ٺاهي هئي، ان جو مکيہ مقصد سنڌ جي اتھاس، سڀيتا، سنسڪرت ۽ لپي وغيرہ تي تحقيق ڪرائڻ هو. ان رٿا لاءِ پنڊت ڪشنچند جيٽلي، سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري سنسڪرت، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ هزار کن آڳاٽا قلمي نسخا هٿ ڪيا هئا، پر هندستان جي ورهاڱي سبب اهو خواب اڌورو رهجي ويو.1947ع ۾ ورهاڱي بعد هو سنڌ مان لڏي وڃي پوني (هندستان) ۾ رهيو. سندس ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل تحريرون هن ريت آهن:(1) هنديءَ ۾ لکيل ’سنڌي ڀاشا ڪا سنکپت پريچيه‘ (سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تعارف 1957ع)، (2) ’شرنگار لھر‘ (سنسڪرت جي شعرن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو: 1984ع)، (3) ’ميگهہ دوت‘ (ڪاليداس جي سنسڪرت شعرن جي مشھور ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ساڳئي سنسڪرت ڇند ۾ ترجمو)، (4) ’سنڌي هٽ- واڻڪن اکرن جي تاريخ‘ (هن ڪتاب ۾ هٽ واڻڪن يا خواجڪي لپيءَ جي ڀيٽ موهن جي دڙي جي اکرن ۽ براهمي لپيءَ سان ڪئي وئي آهي)، (5) ’موهن جو دڙو ۽ هڙاپا سنسڪرتي، انهيءَ وقت جي مھرن جي لپي ۽ ڀاشا‘ (هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي مان لڌل مھرن جي پڙهڻي ۽ معنيٰ سمجهائي وئي آهي: 1985ع)، (6) ’سنڌي نالن ۾ سنڌيت جي سڳنڌ‘ (سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي نالن جي اڀياس ذريعي سنڌ جي اتھاس جي جهلڪ پيش ڪيل آهي: 1986ع)، (7) ’سئنڌوي- سنسڪرتي‘ (سنڌو تھذيب ۽ پراچين سنڌ جي اتھاس تي مراٺي ٻوليءَ ۾ لکيل مقالن جو مجموعو: 1991ع)، (8) ’مناسج اپنشد‘ (سنسڪرت ۾ لکيل ڪام شاستر ڪتاب جو ترجمو: 1988ع)، (9) ’سنڌي وياڪرڻ پريچيه‘ (سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ: 1989ع)، (10) ’سنڌي زيور‘ (سنڌي زيورن جي باتصوير سمجهاڻي 1994ع) ۽ (11) ’سنڌي لپيءَ جي نشانين جي حياتي‘. هن عالم ۽ مؤرخ 18 جنوري 1995ع تي مھاراشٽر صوبي (ڀارت) جي شھر پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو.
1910.07.21 عيسوي
پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو.
1995.01.18 عيسوي
ڪشنچند جيٽلي 18 جنوري 1995ع تي مھاراشٽر صوبي (ڀارت) جي شھر پوني ۾ وفات ڪئي.