ڪشنچند جيٽلي

ڪشنچند جيٽلي

ڪشنچند جيٽلي

ڪشنچند جيٽلي: پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. آڳاٽي سنڌ جي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جو خاص اڀياس ڪري، ويدن واري زماني بابت ڪافي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا. سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌ جي تاريخ بابت سندس سؤ کان بہ وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. 1942ع ۾ مختـلف تعليـمدانـن ۽ مفڪــرن سنـڌ ۾ ’وڪـرم يونيـورسـٽي‘ برپا ڪرڻ جي رٿ ٺاهي هئي، ان جو مکيہ مقصد سنڌ جي اتھاس، سڀيتا، سنسڪرت ۽ لپي وغيرہ تي تحقيق ڪرائڻ هو. ان رٿا لاءِ پنڊت ڪشنچند جيٽلي، سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري سنسڪرت، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ هزار کن آڳاٽا قلمي نسخا هٿ ڪيا هئا، پر هندستان جي ورهاڱي سبب اهو خواب اڌورو رهجي ويو.1947ع ۾ ورهاڱي بعد هو سنڌ مان لڏي وڃي پوني (هندستان) ۾ رهيو. سندس ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل تحريرون هن ريت آهن:(1) هنديءَ ۾ لکيل ’سنڌي ڀاشا ڪا سنکپت پريچيه‘ (سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تعارف 1957ع)، (2) ’شرنگار لھر‘ (سنسڪرت جي شعرن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو: 1984ع)، (3) ’ميگهہ دوت‘ (ڪاليداس جي سنسڪرت شعرن جي مشھور ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ساڳئي سنسڪرت ڇند ۾ ترجمو)، (4) ’سنڌي هٽ- واڻڪن اکرن جي تاريخ‘ (هن ڪتاب ۾ هٽ واڻڪن يا خواجڪي لپيءَ جي ڀيٽ موهن جي دڙي جي اکرن ۽ براهمي لپيءَ سان ڪئي وئي آهي)، (5) ’موهن جو دڙو ۽ هڙاپا سنسڪرتي، انهيءَ وقت جي مھرن جي لپي ۽ ڀاشا‘ (هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي مان لڌل مھرن جي پڙهڻي ۽ معنيٰ سمجهائي وئي آهي: 1985ع)، (6) ’سنڌي نالن ۾ سنڌيت جي سڳنڌ‘ (سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي نالن جي اڀياس ذريعي سنڌ جي اتھاس جي جهلڪ پيش ڪيل آهي: 1986ع)، (7) ’سئنڌوي- سنسڪرتي‘ (سنڌو تھذيب ۽ پراچين سنڌ جي اتھاس تي مراٺي ٻوليءَ ۾ لکيل مقالن جو مجموعو: 1991ع)، (8) ’مناسج اپنشد‘ (سنسڪرت ۾ لکيل ڪام شاستر ڪتاب جو ترجمو: 1988ع)، (9) ’سنڌي وياڪرڻ پريچيه‘ (سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ: 1989ع)، (10) ’سنڌي زيور‘ (سنڌي زيورن جي باتصوير سمجهاڻي 1994ع) ۽ (11) ’سنڌي لپيءَ جي نشانين جي حياتي‘. هن عالم ۽ مؤرخ 18 جنوري 1995ع تي مھاراشٽر صوبي (ڀارت) جي شھر پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو.


لفظ ڪشنچند جيٽليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.07.21  عيسوي

پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو.


1995.01.18  عيسوي

ڪشنچند جيٽلي 18 جنوري 1995ع تي مھاراشٽر صوبي (ڀارت) جي شھر پوني ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالستار بلوچ
چغتائي عصمت
زيب ڀٽي
سيد نور رضوي
سڪينه عتيق الزمان
پٺاڻ نثار احمد
جوڻيجو سميع ساجد
حيدر بخش عزيز گوپانگ
علي راز شر
حضور بخش صوفي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون