
ڪرڪ/ڪرڪُٽ
ڪرڪ/ڪرڪُٽ (پکي): هيءُ پکي قد بت ۽ ظاهري ڏيک ۾ ننڍي ڪـُرڪٽ جهڙو ٿئي ٿو پر هن جي مڪمل پيلي چھنب ۽ نمايان حساستي جي عمل سبب ڌار حيثيت حاصل آهي. هن پکيءَ کي انگريزي زبان ۾ Cattle Egret، (Buff-backed Heron) ۽ سائنسي زبان ۾ Bubulcus Ibis چيو وڃي ٿو. هن پکيءَ جو تعلق Ardeidae خاندان سان آهي. هن جي جسامت 45 کان 53 سينٽي ميٽر ڊگهي، پرن جي پکيڙ 90 کان 96 سينٽي ميٽر، پرن جي ڊيگهہ 24 کان 26 سينٽي ميٽر، 325 کان 378 گرام ٿئي ٿو. قد جي معمولي فرق کانسواءِ نر ۽ مادي لڳ ڀڳ هڪجهڙا لڳن ٿا. هي پکي پاڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني زرعي علائقن ۾ ملي ٿو.