ڪرچات غار

ڪرچات غار (ماڳ): هيءَ غار ڪرچات کان ٽي ڪلوميٽر اولھه طرف کيرٿر جبل ۾، ڪوھتراش بٺيءَ کان اتر طرف چار پنج ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ آھي. ھن غار جي منھن وٽان ناسي رنگ جا ننڍڙا ٽٽل پٿري چاقو ۽ ننڍڙا Cores مليا آھن. ھي ڪا وڏي غار نہ آھي. غار جي منھن جي ويڪر 10 فوٽ ۽ اندر اونهائي 20 فوٽ آھي. ھي قدرتي غار آھي، جنھن کي آڳاٽي انسان استعمال ڪيو. غار جي منھن تي ڀڳل ٽٽل پٿر جا اوزار، ڇرين ۽ چاقن جي ٽڪرن جو چڱو تعداد ملي ٿو. مقامي ماڻهو ھن کي چمڙن جي غار سڏيندا آھن. هي غار پٿر جي وچئين ۽ نئين دؤر جي ماڻهن جي رهائش طور ڄاتي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو