ڪرنڊ کاري

ڪرنڊ کاري (Karand Creek): سنڌو ڊيلٽا ۾ هيءَ کاري سمنڊ جي سطح کان 10 فوٽ مٿي آهي. اڇو کاري هتان کان 3 ڪلوميٽر اوڀر ۾، ڳوٺ گل محمد 3 ڪلوميٽر اتر ۾، سليمان جت جو ڳوٺ 4 ڪلوميٽر اتر اوڀر ڪنڊ تي، محمد جت جو ڳوٺ 5 ڪلوميٽر اتر ۾، جڏهن تہ وٿي جو ڳوٺ 5 ڪلوميٽر اتر اولھه ۾ آهي. هن جي آسپاس نئيون وهن ٿيون، جن مان بجري کاري 2 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه ۾، کاديرو کاري 3 ڪلوميٽر اتر ۾، وتو کاري (Wato Creek) 4 ميل اتر اولھه ۾ ۽ ستيري کاري (Satiri Creek) هتان کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ڪنڊ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو