ڪرشن شرما

ڪرشن شرما

ڪرشن شرما

ڪرشن شرما: ڪرشن شرما 23 مارچ 1969ع تي شھر مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم مٺي ۾ حاصل ڪئي. ماسٽرس جي ڊگري پرڏيھي لاڳاپن واري شعبي مان سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ورتي. هن، عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪئي ۽ ڪيترين ئي اخبارن لاءِ ٿرپارڪر جي ضلعي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. 1990ع ۾، هن ’ٿرپارڪر‘ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي. 1992ع ۾ هن ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن ٿرپارڪر (DDAT) نالي هڪ غير سرڪاري تنظيم جو بنياد رکيو. ان کانسواءِ ٻين بہ ڪيترين ئي غير سرڪاري تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي.


لفظ ڪرشن شرماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو