
ڪرشنا ڪماري
ڪرشنا ڪماري: ڪرشنا ڪماريءَ جو اصل نالو ڪيشو ٻائي آهي. هن پھرين فيبروري 1979ع تي ننگرپارڪر تعلقي جي يونين ڪائونسل ٻھراڻي جي ڳوٺ ڌناڳام ۾ هڪ پورهيت جگنو (جڳديش) جي گهر ۾ جنم ورتو. 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سوشيالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪيائين. ڪرشنا ڪماري پڙهائيءَ دوران 2005ع کان سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هوءَ پنھنجي تنظيم ’دامن‘ جي چيئرپرسن آهي. ڪرشنا عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي. ڪرشنا ڪماري 2018ع کان 2024ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سينيٽر رهي. هي سينيٽ جي مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبر پڻ رهي آهي، کيس پاڪستان سرڪار پاران 23 مارچ 2022ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو ويو.
1979.02.01 عيسوي
ڪرشنا ڪماريءَ جو اصل نالو ڪيشو ٻائي آهي. هن پھرين فيبروري 1979ع تي ننگرپارڪر تعلقي جي يونين ڪائونسل ٻھراڻي جي ڳوٺ ڌناڳام ۾ هڪ پورهيت جگنو (جڳديش) جي گهر ۾ جنم ورتو.