ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس

ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس

ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس

ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس: هن واپاري تنظيم جو بنياد ڪمشنر انويريٽي 1860ع ۾ وڌو، جنھن سان ڪراچيءَ جي واپار، معاشي ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ واڌارو ٿيو. هي ادارو يورپي واپارين جي ڪنٽرول ۾ هو. شروع ۾ ان چيمبرس ۾ هيٺيون ست باني ڪمپنيون شامل هيون: اينڊ ڪمپني‘، (6) ’آءِ. ايل. ڊنولي اينڊ ڪمپني‘ ۽ (7) ’آش برنر نيل اينڊ ڪمپني‘. هن اداري کي قائم ڪرڻ ۾ ميڪھنج، بيومانٽ، مانٽيگو ويب، ڪليٽن، ميڪس راديلسو، جھانگير ڪوٺاري، ايڊلجي ۽ ٻين جو وڏو هٿ هو. چيمبر جي اصل عمارت، ووڊ اسٽريٽ تي 1865ع ۾ تيار ڪئي ويئي هئي. 1927ع ۾ نئين عمارت ٺھي تيار ٿي، جنھن ۾ هڪ وڏو هال بہ آهي. ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جو پھريون صدر ’مسٽر ڊي.ميڪ اوليور‘ هو. 1861ع ۾ ميمبرن جو انگ وڌي تيرنھن ٿيو، جن مان فقط ٻہ ڪمپنيون، طيب جي اينڊ ڪمپني ۽ اردشير اينڊ ڪمپني مڪاني هيون. 1900ع ۾ چيمبرس جي ٽيھن ميمبرن ۾ ٽي وڌيڪ مڪاني ڪمپنيون شامل هيون. انھن ٽن ۾ جھانگير ايڇ. ڪوٺاري ايند ڪمپني، ايڊلجي اينڊ ڪمپني ۽ ايڇ. جي رستم جي اينڊ ڪمپني شامل هيون. باقي 25 يورپين ڪمپنيون هيون. ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس تي 1947ع تائين يورپين جو ڪنٽرول هو. ڇاڪاڻ تہ مڪاني واپارين الڳ تنظيم قائم ڪئي هئي. 1947ع تائين ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جا سڀئي صدر يورپي هئا. هن جي آفيس اڄ بہ ٽالپر روڊ (ووڊ اسٽريٽ) تي موجود آهي ۽ ڪراچيءَ جي يادگار جاين مان هڪ آهي. هن خوبصورت جاءِ ۾ هن وقت هڪ پرائيويٽ ڪمپني جي آفيس آهي. ورهاڱي کان پوءِ ’ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس‘ جي آفيس ’انڊين مرچنٽ ايسوسيئيشن‘ جي جاءِ ۾ منتقل ٿي.


لفظ ڪراچي چيمبرس آف ڪامرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو