
ڪراچي يونيورسٽي
ڪراچي يونيورسٽي: پاڪستان جي قيام کان پوءِ اعليٰ تعليمي، تحقيقي درسگاھہ جي ضرورت کي محسوس ڪندي 23 آڪٽوبر 1950ع تي پارليامينٽ ۾ ’وفاقي يونيورسٽي‘ جي قيام جو بل پيش ڪيو ويو، جيڪو نالي جي ترميم سان 1951ع ڌاري بطور ’ڪراچي يونيورسٽي/جامعہ ڪراچي متفقه راءِ سان منظور ڪري جون 1951ع ۾ پروفيسر اي. بي حليم کي پھريون وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو. 1200 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هي يونيورسٽي، مکيہ يونيورسٽي روڊ، ڪراچيءَ تي واقع آهي. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ نو (9) فعال فئڪلٽيز آهن، جن ۾: سوشل سائنسز، سائنس، اسلامڪ اسٽڊيز، انجينئرنگ، لاءَ (LAW)، فارميسي، مئنيجمنٽ اينڊ ائڊمنسٽريٽو سائنسز، ايڊيوڪيشن ۽ مئڊيسن شامل آهن، انھن فئڪلٽيز هيٺ 53 تدريسي شعبا ۽ 20 ريسرچ سينٽر توڙي انسٽيٽيوٽ ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ 52 هزار کان وڌيڪ شاگرد توڙي شاگردياڻيون اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
هن يونيورسٽيءَ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي چيئر قائم ٿيل آهي، جنھن گذريل ڪيتري عرصي کان لطيفيات تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ شاھہ لطيف تي هڪ انسائيڪلو پيڊيا پڻ تيار ڪري ڇپائي آهي. ان کانسواءِ ڪلاچي تحقيقي جرنل پڻ شايع ٿيندو رهي ٿو، جيڪو هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان پاران منظور ٿيل آهي. ساڳيءَ طرح محترمہ شھيد بينظير ڀٽو جي نالي سان پڻ هڪ چيئر قائم ڪئي وئي آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل سنڌي شعبي پاران ڪيترائي نوجوان ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن ۽ شعبي پاران ’ڪلياڻ‘ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيو ويو، جنھن جا ڪجهہ پرچا ڇپيل آهن. ساڳيءَ ريت طب سان لاڳاپيل فئڪلٽي آف ميڊيسن ۾ ڪراچي ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج جو وڏو ميڊيڪل شعبو قائم آهي. طب سان لاڳاپيل هڪ ٻي فئڪلٽي فارميسي فئڪلٽي جي نالي سان قائم ٿيل آهي، جنھن ۾ مختلف شعبا قائم ٿيل آهن.
تدريس کان علاوہ تحقيقي ميدان ۾ بہ ڪراچي يونيورسٽي هڪ اهم جاءِ والاري ٿي. هن يونيورسٽيءَ ۾ لڳ ڀڳ ويھه (20) ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر قائم ٿيل آهن، جن ۾: ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف فارماسيوٽيڪل سائنسز، اپلائيڊ اڪانامڪس ريسرچ سينٽر، ايريا اسٽڊي سينٽر فار يورپ، سينٽر فار ڊجيٽل فارينزڪ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، سينٽر آف ائڪسلينيس فار وومن اسٽڊي، سينٽر آف ائڪسيلنس ان مئرين بايالاجي، سينٽر فار موليڪيولر جنيٽڪس، سينٽر فار پلانٽ ڪنزرويشن، ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ، حسين ابراهيم جمال ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري، سينٽر فار جينوم ريسرچ، ڊاڪٽر اي. ڪيو خان انسٽيٽيوٽ آف بائيو ٽيڪنالاجي ائنڊ جينيٽڪ انجينئرنگ، انسٽيٽيوٽ آف ڪلينيڪل سائڪالاجي، انسٽيٽيوٽ آف انوائرومينٽل اسٽڊيز، انسٽيٽيوٽ آف فارماسيوٽيڪل سائنسز، انسٽيٽيوٽ آف مئرين سائنس، ايم. اي. ايڇ. ڪيو بائيولاجيڪل ريسرچ سينٽر، نيشنل سينٽر فار پروٿيومڪس (Proteomics)، نيشنل نيماٽولاجيڪل ريسرچ سينٽر، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، شيخ زيد اسلامڪ سينٽر وغيرہ شامل آهن. هن يونيورسٽي ۾ ’ڊاڪٽر محمود حسين‘ جي نالي سان هڪ مرڪزي لائبرري پڻ آهي، جنھن ۾ لڳ ڀڳ چار لک کان مٿي ڪتاب موجود آهن. 2019ع ۾ ڪيل هڪ سروي موجب ڪراچي يونيورسٽيءَ جو شمار ايشيا جي اڍائي سؤ 250) بھترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو. هيءَ يونيورسٽي برطانيہ جي قائم ڪيل تنظيم ’ايسوسيئيشن آف ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز‘ سان ميمبر طور لاڳاپيل آهي.
1950.10.23 عيسوي
پاڪستان جي قيام کان پوءِ اعليٰ تعليمي، تحقيقي درسگاهه جي ضرورت کي محسوس ڪندي 23 آڪٽوبر 1950ع تي پارليامينٽ ۾ ’وفاقي يونيورسٽي‘ جي قيام جو بل پيش ڪيو ويو، جيڪو نالي جي ترميم سان 1951ع ڌاري بطور ’ڪراچي يونيورسٽي/جامعه ڪراچي متفقه راءِ سان منظور ڪري جون 1951ع ۾ پروفيسر اي. بي حليم کي پھريون وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو.