ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج KSE

ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج KSE

ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج KSE

ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج (KSE): سنڌ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هن اداري جو قيام 18 سيپٽمبر 1947ع تي ٿيو. ملڪي سطح تي هي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسٽاڪ ايڪسچينج جو ادارو آهي، جتي ملڪ جو 20 سيڪڙو واپار ٿيندو آهي. هن اداري جو پھريون سربراھہ (صدر) يوسف اي. هارون هو. 1947ع ڌاري پھريون انڊيڪس مقرر ٿيو، جنھن ۾ پنج سرمائيڪار ڪمپنين کي شامل ڪري ستٽيھه (37) لک روپين جي سيڙپ ڪئي وئي. ڏهن سالن اندر ڪمپنين جو تعداد وڌي 81 ۽ سرمايو هڪ ارب ستر لک ٿيو. صنعتي ۽ ڪاروباري ترقي جي لحاظ کان ڪراچيءَ ۾ 1958ع کان 1968ع وارو دؤر بھترين دؤر هو، جنھن دوران ڪيتريون نيون ڪمپنيون قائم ٿيون. اهڙي ريت 1970ع تائين اداري ۾ شامل ڪمپنين جو تعداد ٻہ سو ايڪانوي (291) تائين پھچي ويو ۽ سيڙپ جي مد ۾ 3 ارب 86 ڪروڙ 46 لک روپين جو اضافو ٿيو. 1990ع تائين 487 ڪمپنيون، ڪي ايس اِي ۾ شامل ٿيون، جڏهن تہ سرمايو وڌي اٺاويھه ارب روپين تائين پھتو. چئن سالن کان پوءِ 1994ع ۾ شامل ڪمپنين جو تعداد ست سو چوويھه ٿيو، جنھن سان سرمايي جي مد ۾ پڻ اضافو ٿيو ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪُل سرمايو هڪ سو چار (104) ارب رپيا ٿي ويو. 1994ع ۾ ئي هن اداري جي حيثيت بدلائي ان کي ڪمپني لميٽڊ باءِ گارنٽي جي حيثيت ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. 1996ع ڌاري ڪي ايس اِي ۾ شامل ڪمپنين جو تعداد ست سو ٻياسي ۽ سرمايو ٻہ سو ارب روپيا ٿيو ۽1997ع دوران شيئرز جي ڪاروبار ۾ ٻاهرين ملڪن جا سيڙپ ڪار بہ شامل ٿيا. اهڙي طرح پنج ارب ستھٺ لک روپين جو غير ملڪي سرمايو بہ ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شامل ٿيو. ان لحاظ کان 1997ع کي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو ‘مثالي سال’ قرار ڏنو ويندو آهي. 2000ع جي شروعات کان واپار ۾ تمام تيزيءَ سان اضافو ٿيو ۽ انڊيڪس ٻہ هزار پوائنٽس تائين پھتو. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اسٽاڪ ٽريڊنگ انٽرنيٽ جي شروعات سان ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپ ڪاريءَ ۾ اضافو ٿيو. واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ شفاف ڪاروبار لاءِ نيشنل ڪليئرنگ ائنڊ سيٽلمينٽ سسٽم جو قيام، سي ڊي ايس (CDS) ذريعي ادائگيءَ عيوض فوري رسيد جو نظام ۽ ڪيٽس (KATS) تي سيڪيورٽيز تجارت جي جديد ۽ اهم اپائن سبب ڪي ايس اِي جو شمار دنيا جي اهم ترين ايڪسچينج ادارن ۾ ٿيڻ لڳو. جديد دور جي گهرجن مطابن سيڪيورٽيز ۽ ايڪسچينج ڪميشن جي هدايتن مطابق مارڪيٽ ۾ ڪاروباري نظم و ضبط ۾ بھتري کان علاوہ خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ بدديانت ڪمپنين خلاف ڪارروائي ۽ ٽيڪ اوور (Take Over) لاءِ سخت قانون جوڙڻ بعد واپار ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو آهي. جنوري 2016ع ۾، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج، لاهور اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٽنھي ادارن کي گڏائي (ڪارپوريٽائزيشن، ڊيميوچلائزيشن ائنڊ انٽيگريشن ائڪٽ 2012ع تحت) ‘پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج’ نالي ادارو ٺاهيو ويو، جنھن کان پوءِ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ‘ٽريڊنگ فلور’ طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ ڪاروباري معاملن، سياسي واقعن، حڪومتي يا غير متوقع معاشي تبديلين جي ڪري اسٽاڪ انڊيڪس جا پوائنٽس لاهن چاڙهن (گهٽ وڌ) جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. ملڪي سطح تي هي اسٽاڪ ايڪسچينج، پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تيل جو واپار ڪندڙ ادارو آهي. 2002ع ۾ بزنس ويڪ مئگزين طرفان ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج کي بھترين ڪارڪردگي عيوض ‘Best Performing Stock Market of the World‘ ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن اداري ۾ 1996ع کان ڪارپوريٽ ميمبرشپ جو آغاز ڪيو ويو، جنھن لاءِ سيڙپ ڪاري ڪندڙ لاءِ سندس گهٽ ۾ گهٽ 50 بلين سرمايي جو تعين ڪيو ويو. ان اصول تحت ڪارپوريٽ ميمبرن جو تعداد چاليھه (40) ۽ سيڙپ ڪاري ڪندڙ 576 (گهٽ وڌ) ڪمپنيون شامل آهن، جڏهن تہ انهن شامل ڪمپنين جي سرمايي جي لاڳت 9.2 ٽرلين (32 بلين يو ايس ڊالر) آهي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هر ڏينھن لڳ ڀڳ 248 ملين شيئرز جو واپار ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.09.18  عيسوي

سنڌ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هن اداري جو قيام 18 سيپٽمبر 1947ع تي ٿيو. ملڪي سطح تي هي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسٽاڪ ايڪسچينج جو ادارو آهي، جتي ملڪ جو 20 سيڪڙو واپار ٿيندو آهي.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انواد سوسائٽي بمبئي
بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ
ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قنبر
برهمو سماج
سرمست ويلفيئر اينڊ ڪلچرل سوسائٽي ڏهرڪي
ديوان مشتاق گروپ
ليڊي ڊفرن اسپتال
رائٽرس نيوز ايجنسي
انجمن اسلام لاڙڪاڻو
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون