ڪانگلڙو (لوڪ گيت): هي سنڌ جو مشھور لوڪ گيت آهي، جنھن ۾ خوشيءَ جون خبرون ۽ سنيھا آڻيندڙ ڪردار ڪانءُ آهي. جنھن ڪري هن گيت کي ڪانگلڙو، ڪانگڙو يا ڪانڳڙو چيو ويندو آهي. هن گيت جي مرڪزي مضمون ۾ محبت ۽ مجاز کان سواءِ ڪنھن سڄڻ جي اچڻ جو پيغام پڻ سمايل آهي. سنڌ ۾ ’ڪانگ‘ کي ’کيانتو‘ يعني ’خوشيءَ جي خبر آڻيندڙ‘ سڏيو وڃي ٿو. هن لوڪ گيت جو مرڪزي مضمون پڻ ’کينءِ جون خبرون آڻيندڙ‘ ڪانگ آهي. جنھن ڪري هن گيت تي اهو نالو پيو. هيءُ گيت سنڌ ۽ ٿر جي وچ واري حصي ’مھراڻي‘ جي ايراضيءَ ۾ مروج آهي. هي لوڪ گيت زالون عام موقعن تي ڳائينديون آهن. هن گيت جون ٻہ روايتون ملن ٿيون. پھرين روايت جو مضمون محبت ۽ مجاز آهي. جنھن موجب ڪانگ جي لنوڻ ۽ ’ڪان ڪان‘ کي پرينءَ جي اچڻ جو نياپو سمجهو وڃي ٿو. ڪنھن عورت کي صبح جي وقت ڪانگل جي لنوڻ جي تمنا آهي، جيئن ڪانگ لنوي تہ سڄڻ گهر اچي. ٻي روايت ٿرپارڪر مان ’ڪانڳڙو‘ جي عنوان سان ملي ٿي، جنھن ۾ پرڻيل عورت ڪانگ کي لنوندو ڏسي، کانئس پڇي ٿي تہ: پاڙي واريون مون کان پڇن ٿيون تہ ڪانءُ تنھنجي مائٽن مان ڪھڙو نياپو کڻي آيو آهي ۽ ڪھڙي سوکڙي آندي اٿس؟ جيتوڻيڪ ماءُ، مون ڏانھن هڪ منڊي ۽ ڀرت ڀريل بوڇڻ موڪليو آهي، پر پرديس ۾ ڀاءُ جي اچڻ کان وڌيڪ ٻي سوکڙي ٿي نہ ٿي سگهي. تنھنڪري اي ڪانگ، تون وڃ ۽ وڃي منھنجي موڀي ڀاءُ کي وٺي اچ. هن لوڪ گيت جو نمونو هن ريت آهي:
آيم رات وريم ڪالھہ، وير کان وريو ڪانگلڙو،
لئو صبحا، لئو صبحا
پُويو پُويو پائيان، هن ڪانگل کي ڪوڏيون.
ڏيکاريندم ڏيھه ڌڻي، هن لالڻ جو لوڏون.
منھنجو لوڏن وهيڻو ڪانگل جاني.
لئو صبحا. لئو صبحا.
پراڻن قصن ۽ ڪھاڻين ۾ ڪبوترن سان گڏ ڪانگ کي بہ قاصد طور بيان ڪيو ويو آهي. ٿري ماڻهو ڪانگ يا ڪانءُ جي لنوڻ ۽ اُڏڻ کي ڪنھن جي اچڻ جو سنئوڻ تصور ڪندا آهن. جڏهن گهر جي ڀت يا ڇت تي ڪانءُ لنوندو آهي تہ عورتون پنھنجن وڇڙيل پيارن جا نالا وٺي ڪانگ کي چونديون آهن: ”اي ڪانگ! توکي مٺو لولو ڏيان، تون اُڏامي وڃ ۽ منھنجو سنيھو وڃي منھنجي پياري کي ڏي تہ هو مون وٽ اچي.“ ڪانگڙي جا هي ٻول آهن.
ڪانگهڙي تو اُڏي، مانرو جيئڙو جهولا کائي
مٺي او ڪانگڙي ٿي ٻولي،
آنگڻ واهي جاڻان، اصلي اصلي جهليو ٻُور
ٻوُر ڇڻي جاڻان پٽ پيو مانرو ڏاڏاڻو روگيو دور
مٺي او ڪانگڙي ٿي ٻولي... وغيرہ