ڪانٽيو (شھر): هي تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر جو ننڍڙو شھر آهي ۽ کيس يونين ڪائونسل جو درجو حاصل آهي. ڪانٽيو عمرڪوٽ کان 20 ڪلو ميٽر اوڀر، ڇاڇري کان 15 ڪلو ميٽر اولھه ۾ عمرڪوٽ- ڇاڇري روڊ تي اچي ٿو. هتي هاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول ۽ ڪيترائي پرائمري اسڪول قائم آهن. چندي پير جو آسٿان هتان اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن تي آهي. چيو وڃي ٿو تہ هتي پھرين ڪنھن تور جو ڪانٽو لڳايو هو جنھن ڪري هي ماڳ پھرين ڪانٽو ۽ پوءِ ٿري لھجي موجب ڪانٽيو سڏجڻ لڳو.