ڪانئري کاري

ڪانئري کاري

ڪانئري کاري

ڪانئري کاري (Kainri Creek): سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقي جي لاڏي وير، کرگپ ۽ ڪِنجر (Kinjar) ٻيٽ جي آسپاس هي نار موجود آهي. سنڌوءَ ڇوڙ واري علائقي ۾ نار کي نار، نر، کاري ۽ درياھہ بہ چوندا آهن. لاڏي وير جو علائقو هتان کان 3 ڪلوميٽر اولھه ۾، ڪنجر جو ٻيٽ 10 ڪلوميٽر اتر اولھه ڪنڊ ۾، ڌاري ٻيٽ 13 ڪلوميٽر اتر ۾، ڇاڻ ناريءَ جو علائقو 13 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾، ابراهيم حيدري ڳوٺ 15 ڪلوميٽر اتر اولھه ۾، جڏهن تہ ڳوٺ حاجي ايوب هتان کان 15 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. مشھور ماڳ رتوڪوٽ هتان کان صرف 9 ڪلوميٽر پري اتر ۾ آهي. آسپاس ٻيون بہ ڪيتريون ئي کاريون/ناريون موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو