
حاجي ڪامل خان
ڪامل خان حاجي : جمالين جي عيساڻي پاڙي جي پڳدار ڪٽنب جو فرد رئيس حاجي خان جمالي'>ڪامل خان جمالي ولد محمد حسن خان جمالي، 1940ع ڌاري مٽياري ضلعي جي ڳوٺ نبي بخش خان جماليءَ ۾ پيدا ٿيو. قرآن پاڪ ۽ عربي فارسيءَ جا اوائلي سبق ۽ سنڌي فائنل ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پڙهيائين. هن نوجوانيءَ ۾ بلدياتي چونڊن ذريعي عـمـلــي سـياسـت ۾ قــدم رکـيـو. هي ڪائونسلر، ٻہ ڀيرا ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر ۽ 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ هالا نيو سعيد آباد جي تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بہ چونڊيو ويو. حاجي خان جمالي'>ڪامل خان جمالي، ايم پي اي رهڻ دوران تعلقي هالا جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي. ڪيترائي اسڪول اسپتالون، روڊ، رستا ۽ پليون ٺهرايائين. خاص طور هالا تعلقي جي ٻھراڙيءَ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول منظور ڪرايائين. ٻين سماجي ڪمن سان گڏوگڏ سوين بيروزگار نوجوانن کي سرڪاري ملازمتون وٺي ڏنائين. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پورهيتن جي حقن واري اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ رهيو. هن ايم. پي. اي هئڻ دوران روهڙي ڪئنال جي بکر جمالي پل ڀرسان نيشنل هاءِ وي نيو سعيد آباد، سرهاڙي ۽ نواب شاھہ روڊ جي سنگم تي پنھنجي فرزند جي نالي سان هڪ نئين شھر ’سڪندرآباد‘ جو بنياد رکيو. سندس ذاتي دلچسپي ۽ نظرداريءَ سبب هي شھر مختصر عرصي ۾ مٽياري ضلعي جو اهم زرعي ۽ ڪاروباري مرڪز بڻجي ويو. سڪندرآباد ۾ سندس ذاتي ڪوششن سان گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول، يونين ڪائونسل آفيس، پوسٽ آفيس، گرڊ اسٽيشن، يوٽيلٽي اسٽور، پيٽرول پمپ، پوليس پوسٽ، ۽ بئنڪون ٺهيون. سنڌ ۾ آباد جمالي برادريءَ جي ست راڄي پڳدار هئڻ ناتي هن پنھنجي برادري جا ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايا. پاڻ ذاتي طور سخي مرد، علم دوست ۽ غريب پرور سان گڏوگڏ راڄوڻي فيصلن ۾ بي ريا امين طور پڻ مشھور آهي. ڪمشنر حيدرآباد طرفان ڪيترن وراثت جي پيچيدن ۽ منجهيل راڄوڻي فيصلن لاءِ کيس امين مقرر ڪيو ويو، هن سنڌ ۾ هڪ انوکي انداز جي ڪچهرين جو رواج قائم ڪيو، جنهن مطابق علائقي جي اعليٰ آفيسرن کي دعوت ڏيئي انهن سان علمي ڪچهرين جو بندوبست ڪيائين. جيئن علائقي جي نوجوانن ۾ سي. ايس. ايس ۽ ٻين مقابلي جي امتحانن جو رجحان پيدا ٿئي ۽ والدين ۾ بہ پنھنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو شعور پيدا ٿئي.