
ڪامريڊ علي محمد جمالي
ڪامريڊ علي محمد جمالي: ڪامريڊ علي محمد ولد نبي بخش جمالي، 25 جنوري 1958ع تي ڳوٺ گنھور خان جمالي. تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ ڪيائين.
سياست جي شروعات 1978ع ۾ جيئي سنڌ هلچل جي پليٽ فارم تان ڪئي. هن 1979ع ۾ شھيد ڀٽي جي شھادت بعد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، 1981ع ۾ سپاف ضلعي دادوءَ جو صدر بہ رهيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو ۽ کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو، جتي هڪ سال قيد ۾ رهيو.
1986ع ۾ کيس ٻيھر گرفتار ڪري سينٽرل جيل موڪليو ويو. ڄام صادق عليءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ بہ کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جڏهن محترمہ بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت ۾ سعودي عرب وئي تہ سندس وفد ۾ هي بہ شامل هو. ڪامريڊ علي محمد جمالي سماجي ڪمن ۾ بہ سرگرم رهيو. 1993ع ۾ پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) ۾ شامل ٿيو. هن 2021ع ۾ وفات ڪئي.
1958.01.25 عيسوي
ڪامريڊ علي محمد ولد نبي بخش جمالي، 25 جنوري 1958ع تي ڳوٺ گنھور خان جمالي. تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو.