ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ

ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ: مشھور هاري ورڪر ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ ولد عبدالحميد انڍڙ، 9 مارچ 1929ع تي ڳوٺ ميل انڍڙ عرف واريءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ’ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ ڪامريڊ الھہ وڌايي جي شخصيت، سگهڙائپ، شڪار جي تجربن تي لکيو آهي. هن شيخ اياز سان ڪيتريون ڪچهريون ڪيون هيون، شيخ اياز، سعد پور ۽ صالحاڻي ٻيلي جي زمينن جي سلسلي ۾ هاري اڳواڻن جو وڪيل هو ۽ کانئن في نہ وٺندو هو. ڪامريڊ الهوڌايي هارين کي ٻيلن جون زمينون ڏيارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، ڪيترا ڀيرا جيل بہ ويو، ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، بک هڙتالون بہ ڪيائين، نتيجي طور سندس ذاتي زمين بہ ضبط ڪئي وئي. اڄڪلھہ جوڻاس ويجهو ڳوٺ عبدالحئي انڍڙ ۾ رهي ٿو.


لفظ ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.09  عيسوي

مشهور هاري ورڪر ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ ولد عبدالحميد انڍڙ، 9 مارچ 1929ع تي ڳوٺ ميل انڍڙ عرف واريءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر
شير محمد خان بجاراڻي
جيوترام ويڙهومل مٽائي
رشدالله شاھہ امروٽي
اختر جهوناڳڙهي
بانو قدسيه
دسرت راجا
الھہ آندو شاھہ
ڪرم علي رستماڻي ڊاڪٽر
اوستو سچيڏنو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون