ڪامران جيلاني

ڪامران جيلاني

ڪامران جيلاني

ڪامران جيلاني: اردو ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، اديب، نقاد، دانشور، ڪامران جيلاني، 24 آگسٽ 1926ع تي پونڇ (ڪشمير) ۾ پيدا ٿيو. هو نظم ۽ نثر جو بھترين ليکڪ رهيو آهي. سندس شعري مجموعن ۾: ’استنازي‘، نفس ڪف پا‘، ’ڇوٽي بڙي نظمين، اور نظمين‘، ’دستانويز اور ڪامران جيلاني ڪي نظمين‘ شامل آهن. هن جي نثري ڪتابن ۾: ’تنقيد ڪا نيا پسمنظر‘، ’نئي نظم ڪي تقاضي‘، ’غالب ڪي تنقيدي شخصيت‘، ’نظريہ پاڪستان ڪا ادبي اور فڪري مطالعه‘، ’اقبال اور همارا عھد‘، ’لاهور ڪي گواهي‘، ’قائداعظم اور آزادي ڪي تحريڪ‘، ’همارا ادبي و فڪري سفر‘ ۽ ’ادب ڪي مخفي اشاري‘ شامل آهن. حڪومت پاڪستان سندس ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس تمغه امتياز ۽ صدارتي تمغه براءِ حسن ڪارڪردگي ڏنا هئا. هي 22 فيبروري 2003ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس لاهور ۾ ئي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.08.24  عيسوي

: اردو ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، اديب، نقاد، دانشور، ڪامران جيلاني، 24 آگسٽ 1926ع تي پونڇ (ڪشمير) ۾ پيدا ٿيو. 19


2003.02.22  عيسوي

ڪامران جيلاني 22 فيبروري 2003ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس لاهور ۾ ئي دفن ڪيو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بشير احمد بشير
رحيمداد راهي
زيب ڪنگو
صورت سنگهہ بھار
انور ساگر ڪانڌڙو
شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
جواد جعفري
اسير امتياز
صابر موچي
پلي ولي محمد وفا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون