ڪالڪان غار

ڪالڪان غار: هيءُ غار روهڙي، اروڙ ويجهو جبلن ۾ آهي. ڪالڪان معنيٰ ڪالي ديوي، جيڪا اپکنڊ ۾ پوڄجندڙ سڀ کان پراڻي ديوي آهي. ’چچ نامي‘ ۽ ’اروڙ جي ٻھراڙيءَ‘ ۾ڪالڪان مندر جو ذڪر آهي، جيڪو هڪ غار ۾ قائم آهي. هيءَ ڪا قدرتي غار نہ آهي، پر مڪمل طرح انساني هٿن جي محنت جو شاندار نمونو آهي. قديم آثارن جا ماهر هن غار کي پٿر واري دؤر سان ملائين ٿا. جيئن تہ هن غار واري ٽڪر جي ڇت تي نيوليٿڪ (نئون پٿر وارو دؤر) جا پٿري اوزار آهن، ان ڪري، هن غار کي بہ نيوليٿڪ زماني جو يادگار سمجهيو وڃي ٿو. ڪالڪان واري غار ۾ ٽي وڏا چئمبر ۽ ٻہ ٽي ننڍڙيون/ پاسيرون چُرون آهن. ٽنهي چئمبرن کي مرڪزي هال واري حيثيت حاصل آهي. جڏهن تہ پاسيريون چُرون هاڻي چله ڪشي، اڪانت ۽ تپسيا لاءِ ڪم اچن ٿيون. غار جي ڇت جي اوچائي ڪٿي انساني قد کان ٿوري مٿي آهي، تہ ڪٿي گهٽ، جنھن ڪري ڪُٻو ٿي هلڻو پوي ٿو. هن غار جا ٻہ دروازا آهن. غار جي وچئين چئمبر ۾ ڪاليءَ جي مورتي رکيل آهي ۽ بجليءَ جو انتظام آهي ۽ ان ۾ ڪاٺ جا دروازا وڌا ويا آهن پر جڏهن هتي پٿر جي دؤر جو ماڻهو رهندو هو، تڏهن دروازن مان روشني ڇڻي ايندي هوندي ۽ هوا هلڪن جهوٽن سان لنگهي ويندي هوندي. ننڍي ڇت واري هن غار جي ڇت ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙي طرح گول کوٽائي ڪئي وئي آهي، جو ماڻهو ان ۾ سڌو ٿي بيھي سگهي ٿو. اهي کوٽايون پوءِ وارن وقتن ۾ يوگ ۽ تپسيا لاءِ ڪيون ويون آهن.


لفظ ڪالڪان غارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو