
ڪافي (ٻوٽو)
ڪافي (ٻوٽو):’ڪافي‘ جو لفظ عربي زبان جي لفظ ’قھوي‘ مان نڪتو آهي. ’ڪافي‘ پھريون ڀيرو ’مسلمان صوفين‘ استعمال ۾ آندي ۽ انهن ذريعي ئي دنيا ۾ متعارف ٿي.هاڻ تہ دنيا جي 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪافيءَ جا ٻوٽا پوکيا وڃن ٿا. پر شروعاتي طور ڪافيءَ جو اهو ٻوٽو، جنھن کي ’جينز ڪوفيا‘ چيو ويو، ان جي اصل جڳھه انتھائي گرم ملڪن جا باراني جهنگ وارا آفريڪا ۽ وچ اوڀر جا ملڪ آهن، جن ۾: ايٿوپيا، مڊگاسڪر، موريشيئس وغيرہ. ’ڪوفيا‘ جي اندر ڦرين پچڻ تي انهن جي چونڊ ڪري، انهن کي خشڪ ڪيو ويندو آهي. انهن خشڪ ڦرين کي ’بينز‘ چيو ويندو آهي، اها ئي ’ڪافي‘ آهي. انهيءَ کان مختلف گرمي پد تي ڪافي جا ٻہ قسم آهن: هڪڙو ’عربيڪا‘ ۽ ’رويسٽا‘. عربيڪا وارو قسم ذائقي ۾ ڪڙو ٿيندو آهي. جڏهن تہ رويسٽا وارو قسم ٿورو سخت ۽ ذائقي ۾ گهڻو ڪڙو ٿيندو آهي. هن وقت ڪافي جو فصل ڏکڻ آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ پوکيو ويندو آهي.
ڪافي ٻوٽي جي ابتدائي دريافت بابت روايت آهي تہ يمن واسي شيخ عمر نالي هڪ بزرگ کي بادشاھہ خلاف سچ ڳالھائڻ تي ملڪ بدر ڪيو ويو ۽ هن هڪ جابلو علائقي ۾ ڪنھن غار ۾ پناھہ ورتي. اهو هڪ ويران هنڌ هو، جتي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ هو. شيخ عمر کي جڏهن کائڻ جي ضرورت پئي تہ کيس انهن پھاڙن جي ڪجهہ ٻُوڙهن ۾ ڪي ڦريون هٿ آيون پر اهي کائڻ ۾ انتھائي سخت ۽ ڪڙيون هيون. شيخ عمر انھن ڦرين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي تمام گهڻيون سخت هيون. پوءِ شيخ عمر انھن ڦرين کي پاڻيءَ ۾ اٻاريو تہ جيئن اهي نرم ٿين ۽ نتيجي ۾ هڪ خوشبودار توانائي ڏيندڙ ڪاري رنگ جو مشروب تيار ٿيو، جنھن جي پيئڻ سان شيخ عمر جي بک ختم ٿي ۽ کيس ڪجهہ توانائي حاصل ٿي. اها ئي ڪافيءَ جي دريافت هئي. جڏهن يمن اندر انهيءَ معجزاتي مشروب جون ڳالهيون پھتيون تہ شيخ عمر کي واپس گهرايو ويو. اهڙي ريت يمن اهو ملڪ آهي، جتي ڪافي پھريون ڀيرو متعارف ٿي ۽ يمن جي مئخانن ۾ تيزي سان مقبول ٿي.
يمن جي واپارين اوڀر آفريڪا کان يمن اندر ڪافيءَ جا ٻج آڻڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ يمن ۾ ’ڪافي‘ جو فصل پوکيو ويو.15هين صدي عيسويءَ جي وچ دوران ’ڪافي‘ جي ٻوٽي جو فصل يمن جي احمد الغفار جي نالي سان بہ جڙيل آهي، جيڪو ان وقت هڪ صوفي هو ۽ ڪافيءَ جو فصل پوکيندو هو. وچ اوڀر مان ڪافي سڀني کان پھرين صوفي بزرگ بابو بودان پندرهين صدي عيسوي ڌاري هندستان جي ميسور واري علائقي ۾ کڻي آيو ۽ ميسور ئي هندستان جو اهو پھريون علائقو آهي، جتي ڪافيءَ جو اهو پھريون ٻوٽو لڳايو ويو. 1511ع ۾ مڪي جي گورنر خيربيگ، عربستان ۾ ڪافيءَ جي استعمال تي بندش وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نہ ٿيو. 1674ع ۾ لنڊن جي عورتن ڪافي خانن جي مقبوليت خلاف اعتراض واريو تہ انھن ڪافي خانن سبب مردن جو اڪثر وقت گهر کان ٻاهر گذري ٿو. 1675ع ۾ ڪرسمس کان ٻہ ڏينھن پھرين شاھہ چارلس انگلينڊ ۾ ڪافيءَ جي استعمال تي پابندي هنئي، جيڪا ٻن هفتن کان وڌيڪ برقرار رهي نہ سگهي. 16هين صدي عيسويءَ ۾ ڪافي ايران، ترڪي ۽ اتر آفريڪا تائين پھچي چڪي هئي. 1840ع ۾ پھريون ڀيرو ڏکڻ هندستان جي صوبي ڪرناٽڪا ۾ ڪافيءَ کي وڏي پئماني تي پوکيو ويو. جلد ئي تامل ناڊو ۽ ڪيرالا ۾ بہ اُن جي زراعت شروع ٿي. 19 صدي عيسوي ۾ انگريزن ڪافي جي زراعت ۽ واپار کي ترقي ڏني. اتان کان ڪافي، يورپ اندر داخل ٿي ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ ڦھلجندي وئي. برازيل هن وقت ڪافي جي پيداوار ۾ دنيا ۾ پھرئين نمبر تي آهي. ان کان علاوہ لاطيني آمريڪا، ويٽنام، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ هندستان جي گرم علائقن ۾ بہ پوکي وڃي ٿي. 1870ع ڌاري چانھه جي مقبوليت، ڪافي جي تجارت تي اثرانداز ٿي. 1940ع ۾ هندستان اندر پھريون ڪافي هائوس کليو، پر 1950ع ڌاري حڪومتي پاليسِن سبب اِهي ڪجهہ عرصو بند ٿيا.
ڪافيءَ ۾ ڪيفين جي جهجهي مقدار سبب ماڻهو، ان جي استعمال جو عادي بڻجيو وڃي. ماهرن جي اندازي موجب ’ڪافي‘ جي هڪ ڪپ ۾ 95 کان 100 ملي گرام ڪيفين موجود هجي ٿي. چانھه ۽ ڪافيءَ ۾ ڪيفين جو مقدار مختلف هوندو آهي. ڪيفين سان جاڳڻ، هوشيار رهڻ يا هڪدم ردعمل ظاهر ڪرڻ وارين صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. ننڊ تي تحقيق ڪندڙ سائنسدان ’ميٽ واڪر‘ موجب استعمال ڪيل ڪيفين جو اڌ انساني جسم ۾ پنجن يا ڇھن ڪلاڪن تائين جڏهن تہ ڏهن يا ٻارهن ڪلاڪن کان پوءِ ڪيفين جو چوٿون حصو موجود رهي ٿو. اُن سان جلد ننڊ اچڻ يا دير تائين سجاڳ رهڻ جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو.
ڪافيءَ جي مقبوليت جا ٻيا بہ سبب آهن. ڪافيءَ جي هڪ ڪپ ۾ 11 سيڪڙو وٽامن B2، ڇھه سيڪڙو وٽامن B5، 3 سيڪڙو مئگنيز ۽ 2 سيڪڙو مئگنيشيم موجود هوندو آهي. تحقيق مان اهو بہ پتو پوي ٿو تہ جسم جي چرٻيءَ کي گهٽ ڪرڻ سان گڏ هي جگر لاءِ بہ مفيد آهي. اڄڪلھه ڏکڻ هندستان ۾ ڪافيءَ جا 16 قسم پوکيا وڃن ٿا، جن مان ’عريبيڪا‘ کي اعليٰ قسم جي ڪافي تصور ڪيو وڃي ٿو. ’سي ويٽ‘ جو شمار وري دنيا جي مھانگي ترين ڪافيءَ ۾ ٿئي ٿو. اصل ۾ ’سي ويٽ‘ انڊونيشيا واري پاسي ٻليءَ سان مشابھت رکندڙ هڪ جانور آهي، جيڪو خاص طور تي ڪافيءَ جي رسيلن ٻجن کي کائي، جڏهن مادو خارج ڪري ٿو تہ اُن کي چڱي طرح ڌوئي صاف ڪري ڀُڃڻ کان پوءِ جيڪا ڪافي تيار ٿئي ٿي، اُها مھانگي اگهہ تي وڪامي ٿي ۽ انڊونيشيا ۾ تمام گهڻي مقبول آهي.