ڪافر ڪوٽ (ماڳ): ڪافر ڪوٽ جا نشان هڪ دڙي جي صورت ۾ ڪائي ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر، ديھه نئنگ ۽ سيوهڻ کان 31 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهن. دڙي تي ڪيترو ئي ٺڪراٺو، گول مول پٿرن جا ڍڳ ٽڙيل پکڙيل آهن. هڪ ڀت جا نشان اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن. ماڳ 174X75 ميٽرن جي پکيڙ ۾، زميني سطح کان 6 ميٽر اوچو آهي. هيءُ ماڳ ڪائي- جهانگارا روڊ جي تمام ويجهو آهي. ٺِڪر جي مُشاهدي مان پتو پوي ٿو تہ هيءَ ماڳ تاريخي دور جو آهي.