
سومرو ڪاشف حسين
ڪاشف حسين سومرو: ڪاشف حسين ولد عبدالجبار ’عبد‘ سومرو، 25 مارچ 1982ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي (اردو) ۽ ايم. ايڊ ڪيائين. شروع ۾ واپڊا ۾ ميٽر ريڊر ۽ بعد ۾ پوليس ڪانسٽيبل رهيو، آگسٽ 2009ع ۾ اردوءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ پنھنجا فرائض سرانجام ڏنائين. 2004ع ۾ ’پاڪستان رائيٽرس پوائنٽ‘ پاران ڪرايل اردو ڪھاڻي نويسيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ پھريون نمبر کنيائين. سندس شاعري ۽ تحقيقي مضمون سنڌي ۽ اردو جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ’فاتح سنڌ- غازي محمد بن قاسم‘، ’سنڌ جو سرواڻ مولانا عبدالڪريم قريشي‘ (شريڪ ليکڪ)، ’سوانح حيات حضرت مخدوم قريشي سھروردي'>شاھہ عثمان قريشي سھروردي‘ (اردو) شامل آهن. هن شڪارپور مان پنھنجي ادارت هيٺ اردو اخبار ’ادب نامہ‘ بہ جاري ڪئي. ’مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘ جو صوبائي صدر بہ رهيو. هن 7 جون 2012ع تي وفات ڪئي.
1982.03.25 عيسوي
ڪاشف حسين ولد عبدالجبار ’عبد‘ سومرو، 25 مارچ 1982ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.
2012.06.07 عيسوي
ڪاشف حسين سومري، 7 جون 2012ع تي وفات ڪئي.