
ڪاسٻي جو شِوَ مندر
ڪاسٻي جو شِوَ مندر: ڪارونجهر جبل اندر هڪ وڏو ڳوٺ ”جهونو ڪاهوو“ يا قديم ڪاسٻو آباد آهي. هتي برهمڻ، ڪڙٻي، جاٽ، واڻيا، ٺَڪر، ميگهواڙ، مالهي ۽ ڪولهي رهندا هئا. ڳوٺ ۾ گهاٽا نم جا وڻ هئا، جتي ڳوٺاڻن جون هزارين ڍڳيون ويھنديون هيون. انھيءَ دؤر ۾ موجودہ ڪاسٻي واري ٽڪري تي مال جا وڏا چراگاھہ هئا. قديم ڪاسٻي ۾ برهمانند نالي هڪ برهمڻ رهندو هو. سندس پيڙهين هتي عبادت ڪئي ۽ ڀڳتي ڀاوَ وارو سلسلو جاري رهيو. ويھين صديءَ ۾ سنياسي بابا جئہ منگل ڀارتي هتي آيو، جيڪو ذات جو اوجها ڪنڀار هو. سندس اصل ڳوٺ فتح گڍ هو، جيڪو هينئر هندستان ۾ آهي. اوجها ڪنڀارن جو پورو پاڙو لڏي اچي موجودہ ڪاسٻي جي مين پرائمري اسڪول جي اولھندي پاسي آباد ٿيو. هن قبيلي جو ڪم مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ هو ۽ هي قبيلو چترڪاريءَ ۾ بہ ماهر هو. بابا منگل ڀارتي 1928ع (وڪرم سنبت) ۾ هتي پنھنجي هٿن سان ڀولي ناٿ جو مندر قائم ڪيو، جتي سنڌ ۽ هند جي سنياسين، ڪاپڙين ۽ عام ماڻهن کي گهرائي وڏو لنگر هلايو ويو. بابا منگل ڀارتي جي آخري آرامگاھہ بہ انھي مندر ۾ آهي. بابا منگل ڀارتي جي وقت ۾ ڪاسٻي ۾ هڪ ڀيري باھہ لڳي، جنھن سبب سمورو ڳوٺ رک ٿي ويو هو. منگل ڀارتي جي چيلي اهنڪار ڀارتي رواج ڪڍيو تہ جڏهن ڪَتي مھيني ۾ ماڻھن جا فصل پچي راس ٿيندا تہ هر گهر مان هڪ ٽويو (جيڪو لوھہ جو ٿانو آهي جنھن ۾ ڇھه ڪلو داڻا ايندا آهن) داڻا پکين لاءِ مندر ۾ ڏيندا. جيڪو دستور اڄ بہ قائم آهي. منگل ڀارتي کانپوءِ اهنڪارڀارتي، چيتن ڀارتي، خوشحال گر، پريم ڀارتي، رام ڀارتي (بيکو وڙاند) ۽ موگيگر ٻاوو هن مندر جي خدمت ڪندا رهيا.