
ڪار ڪڻڇي
ڪار ڪڻڇي (پکي): ڪار ڪڻڇي پکيءَ کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Black drongo/Dierusus adsimilis چئجي ٿو. هي پکي جسامت ۾ 28 کان 30 سينٽي ميٽر جو ٿئي ٿو. رنگ ڪارو چمڪدار، ٻہ ڦاڪو ڊگهو پڇ ۽ چهنب وٽ اڇو ٽٻڪو ٿئي. ’ٽِي… ٽِيو، چيس… چيس… چِچَڪ‘ ڪري ڳالهائيندو آهي، اڪثر اڪيلو يا جوڙي ۾ نظر ايندو، سياري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ولر جي صورت ۾ ملندو آهي. مال سان لڳاءَ آهي، مينھن، ڍڳين، رڍن ۽ ٻڪرين جي پٺين تي ويھي آواز ڪڍندو آهي. شام جي وقت جيت جهلندو آهي، اڪثر مٿانھين جاين، ٿنڀي، بجلي جي تارن يا اڪيلي وڻ جي چوٽي تي ويھندو آهي. آکيرو ڪنھن اڪيلي وڻ تي 12 ميٽر مٿانھين تي ٺاهيندو آهي.