ڪارڙو ڪمارڙوڪنڀارڙو

ڪارڙو ڪمارڙو/ڪنڀارڙو (سوڻ): هي هڪ قسم جو سوڻ آهي، جيڪو مينھن نہ وسڻ جي صورت ۾ ٻارڙا ڪندا آهن. چوماسي جي مند ۾ ٻارڙا صبح جو سوير اٿي ٽولي ٺاهي، ڪپڙي جي جهولي جهلي، هر گهر جي دروازي تي اچي فقيرن جيان صدا هڻندا آهن تہ: ”ڪارڙو ڪمارڙو، امان، ان پاڻي ڏي ته، مولا مينھڙو وسائي“ يا وري ڪٿي هڪ صدا بہ هڻندا تہ ”آکو پايو، گهر گهر ٺولايو، مينھن وسايو“. اها صدا ٻڌي گهر ڌياڻيون ٻارڙن جي جهوليءَ ۾ ان، ڏارو، ڳڙ، کنڊ، گيھه، کير يا سڪل ڏٿ يا جيڪا بہ شيءِ گهر ۾ موجود هوندي سا اچي ڏينديون. سڄي ڳوٺ کان دان وٺڻ بعد اهي ٻارڙا گڏجي ڳوٺ ڀرسان ڪنھن ترائي تي ايندا ۽ اتي ڪجهہ ٻار اهو مليل دان ديڳڙي ۾ وجهي پچائيندا ۽ باقي ٻار ترائي کي صاف ڪندا. َصفائي جي ان ڪم ۾ ٻارن سان گڏ وڏا بہ هوندا. سڀ ٻار گڏجي انهيءَ ترائيءَ ۾ وهنجڻ جو سانگ بہ رچائيندا. ڪي ٻار ترائيءَ ۾ سمھندا بہ. آخر ۾ رڌل ڀت کائي گهرن ڏانھن موٽي ويندا. هن سوڻ بابت عقيدو آهي تہ خدا معصوم ٻارڙن جي دعا ضرور ٻڌندو ۽ مينھن وسائيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو