ڪاري لَڪي (ماڳ): هيءُ ماڳ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ سيتا نئن جي ڪنڌيءَ سان، ’چٽن واري ڀر‘ ماڳ کان ڪجهہ ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. چٽن واري ڀر ماڳ ڀرسان هڪ سوڙهي لڪ مان سيتا نئن وڪڙ کائي لنگهي ٿي. انهيءَ جاءِ تي پٿر جي ڇپن جو رنگ ڪارو آهي، نئن جي ساڄي ڪنڌيءَ تي ڪي قدرتي غارون ۽ اجها پڻ ٺھيل آهن، پر غارن جي ڀر ۾ اُڀين ٽاڪرو ڇپن تي اٽڪل 20-25 فٽن جي اوچائيءَ تي ڪي اُڪرون ملن ٿيون، جيڪي سنڌو تھذيب جي مھرن سان ڪافي هڪجهڙائي رکن ٿيون. هن جاءِ تي هڪ ڇپ تي قطار ۾ ڇھه ماڻهو بيٺل اڪريل آهن، جن جا هٿ هڪٻئي جي هٿن ۾ آهن، انهن جي ڀَر ۾ هڪ ديومالائي ماڻهو وانگر نقش ٺھيل آهي، جنھن جو جسم ڳرو، مٿي تي ٽي سڱ ۽ هٿ ۾ ڪو جادوءَ جو لڪڻ ڏيکاريل آهي. اتي ئي ڀر ۾ هڪ مڇريل ڍڳي جي تصوير اڪريل آهي، جنھن جا سڱ لاڙي ڍڳي جھڙا ۽ پڇ اڀو آهي، ان جي سامھون عورت آهي، جيڪا ڍڳي جي حملي سبب پنھنجو توازن وڃائي ويٺي آهي. ٻئي طرف يعني ڍڳي جي پويان هڪ عورت ٻئي ٻانھون مٿي کڻي خوف ۾ ڄڻ ڍڳي کي هڪلي رهي آهي. هي ماڳ هڪ عجوبي جي حيثيت رکي ٿو.