ڪارو ڪوٽ

ڪارو ڪوٽ

ڪارو ڪوٽ

ڪارو ڪوٽ: ڪارو ڪوٽ ضلعي دادوءَ جي جوهي تعلقي ۾ کيرٿر جبل جي هنج ۾ وهندڙ نئن نري/ نليءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍڙي اُڀڪپري تي بيٺل آهي. هن ٽڪريءَ جي ڀر ۾ ڪو بہ بلند ٽڪر يا پھاڙ ناهي. ٽڪريءَ جي اولھہ ۾ ٽرڪ ڍورو وهي ٿو ۽ اوڀر پاسي نئن نري آهي. کيرٿر جون ٻہ وڏيون ۽ مشھور نئيون، هن ڪوٽ جي بنيادن کي ڇھي گذرن ٿيون. ٽڪريءَ جو صرف اوڀر پاسو مٿي چڙهڻ جو دڳ ڏي ٿو. ان ڪري ان پاسي کان چڙهڻ لاءِ هڪ رستو ٺاهيو ويو آهي، دروازي جي ويڪر 20 فوٽ آهي. ڪوٽ جي بناوٽ، ٽڪريءَ جي مٿاڇري جي شڪل ۽ ساخت جاگرافيائي نقش نگاريءَ (Topography) مطابق ٺھيل آهي. ٽڪريءَ جي شڪل مطابق، ڪوٽ جون قدرتي ۽ هٿرادو حفاظتي ديوارون بيھاريون ويون آهن. ٽڪري شڪل ۾ ڪي قدر گول هئڻ ڪري، اها پپر جي پن جهڙي شڪل ٺاهيو بيٺي آهي. ڪاري ڪوٽ مان هٿ آيل ڪجهہ ٺڪراٺو تاريخ جي ڳڻپ واري دؤر کان اڳ جو لڳي ٿو. هتان هٿ آيل ٺڪراٺو، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي ٺڪراٺي سان مشابھت بہ رکي ٿو. اهي قديم شيون ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ هيءَ ٽَڪري ۽ ڪوٽ، اوائلي زماني کان انسان جي استعمال هيٺ رهيو آهي. هتان کان ٿوري مفاصلي تي ٻڌن جو مقدس آستان ’پپراسو‘ پڻ موجود آهي.


لفظ ڪارو ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو