ڪارو ڏهرو/ڪارو مندر

ڪارو ڏهرو/ڪارو مندر

ڪارو ڏهرو ڪارو مندر

ڪارو ڏهرو/ڪارو مندر (مندر): ھي مندر ننگرپارڪر ۾ ڪاري مندر 1 سان گڏ آھي. مندر ھڪ پٿر جي ٿلهي تي ٺھيل آھي، جيڪو زمين جي سطح کان 3 فوٽ مٿي آھي. لنگهہ وارو دروازو 4 فوٽ ويڪرو ۽ 6 فوٽ اوچو آھي. مندر جي عمارت تائين پھچڻ لاءِ ٿلهي کي چار ڏاڪا آھن. ھر ھڪ ڏاڪو 5.6 فوٽ ڊگهو ۽ 2.6 فوٽ ويڪرو آھي. ومانو (Vimana) مستطيل رٿ جو 5.7x7.8 فوٽ ۽ زميني سطح کان 9.1 فوٽ اوچو آھي. اتر واري ڀت ۾ جارو ٺھيل آھي. ھي مندر جين مذھب وارن جي اوائلي اڏاوت چئي سگهجن ٿا. جيڪي رٿ ۾ صفا سادا آھن، ڪو گل، چٽ يا ڊزائين وغيرہ نہ آھي. ھنن مندرن جي اڏاوت ۾ استعمال ٿيل پٿر ڪاراٽجي ويو آھي، ان ڪري ھنن ٻنھي مندرن کي ڪارا مندر ڪري سڏين ٿا.
هن عمارت جا ٿنڀا پٿرن مان گَهڙيا ويا آهن، جيڪي هاڻي زبون حال آهن. هن وقت مندر ۾ ڪا بہ اُڪر يا مورتي واضح نہ آهي. ان ڪري خبر نہ ٿي پوي تہ هي مندر ڪھڙي مت يا پنٿ وارن جو هو. مقامي ماڻهو ان کي ’ڪارو ڏهرو‘ چون ٿا. ڏهرو معنيٰ مندر. ماڻهن ان سان ڪي روايتون منسوب ڪري ڇڏيون آهن. هڪ روايت آهي ته، سارنگا ۽ سڏونت (ڏسو: سڏونت سارنگا، جلد ستون، ص 198) جي ملاقات هتي ٿي هئي. محقق بدر ابڙي پنھنجي ڪتاب ‘سنڌ ۾ جين مت’ ۾ خيال ڏيکاريو آهي تہ ”ممڪن آهي تہ هي ڏهرو اصل ۾ ڪو سڀا منڊپ هجي، جتي جين لوڪ پنھنجون ڪي اجتماعي رسمون ادا ڪندا هجن.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو