ڪارو ڇپرو: ڪراچيءَ ۾ سول ايئرپورٽ نيشنل هاءِ وي پاسي، اسٽارگيٽ جي اتر اولھه ۾ هڪ ڪارو ڇپرو يا هينگر بڻايو ويو هو، هي وسيع ڪاري رنگ جو ڇپرو خالص لوھہ مان تيار ڪيو ويو هو. عمارت 1924ع ۾ خاص طور امپيريل ايئرويز جي مشھور جھاز آر- 151 لاءِ وڏي خرچ مان تيار ڪئي ويئي هئي، پر بدقسمتيءَ سان اهو جھاز پنھنجي پھرئين اڏام ۾ پيرس ويجهو جبل سان ٽڪرائجي تباھہ ٿي ويو. ان ۾ سوار سڀئي مسافر عملي سميت اجل جو شڪار ٿيا هئا. ڪاري ڇپري جي ڇت تي ڏاکڻي اڀرندي پاسي سرچ لائيٽ بہ لڳل هو. ان کان ٿورو پري ’مؤرنگ هاسٽ‘ بہ هو. انهن ٻنهي کي 1960ع ڌاري 45 لکن ۾ ڪٻاڙي وارن کي وڪرو ڪيو ويو.