ڪارو وارو وهڪرو

ڪارو وارو وهڪرو (Karo waro stream) (نئن): سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪارو وارو وهڪرو ڳوٺ حاجي عرس خان جيلاني، نانگي واري ۽ ڳوٺ آچر دبلي جي آسپاس 670 29’ 20’’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 240 07’ 20’’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. چڱڙو ڪريڪ هتان کان ڏيڍ ڪلوميٽر اتر اوڀر ڪنڊ تي، ڪريواري کاري 2 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر، حدن وارو کاري 3 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه ڪنڊ تي، مڪ واري واھہ جو وهڪرو 3 ڪلوميٽر اتر اولھه، نيول ٽاسڪ فورس ڳوٺ رفوتو 4 ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ سم نالو 4 ڪلوميٽر اتر اوڀر ڪنڊ ۾ آهن.


لفظ ڪارو وارو وهڪروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو