ڪارو شڪاري

ڪارو شڪاري: لوڪ شاعريءَ جي ڳاها (ڳاهون) صنف کي يڪتاري تي ڳائيندڙ لوڪ فنڪار ڪارو شڪاري جهرڪ ويجهو ويھين صديءَ جي پھرين ڏهاڪي ۾ ڄائو. هي جهرڪ جي آسپاس ڪڏهن ڪٿي تہ ڪڏهن ڪٿي پنھنجا گهر اڏيندا پٽيندا وري ٺاهيندا رهندا هئا. سندس خانداني ڌنڌو مئل جانورن جا هڏا ميڙي وڪڻڻ هو. ڪارو شڪاري يڪتاري جو واڄارو هو ۽ هو ان يڪتاري جي وڄت تي لوڪ قصا ڳائي ٻڌائيندو رهندو هو. ڪاري شڪاريءَ کي ڳاها صنف ۾ چيل لوڪ قصا، خاص ڪري دودو چنيسر ۽ ٻيا بر زبان ياد هوندا هئا، جن کي ڳائي داد حاصل ڪندو هو. هن فنڪار اوڻيھه سؤ نوي واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڪارو شڪاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو