ڪارو دڙو

ڪارو دڙو (ماڳ): هي ماڳ تعلقي قنبر ۾ ميروخان- شاھه جو لئو لنڪ روڊ تي ھڪ ننڍي سم شاخ جي ڀرسان آھي. هن وقت هي ماڳ ٿوري ايراضيءَ ۾ بچيو آهي، هن جو گهڻو حصو زرعي زمين هيٺ اچي ويو آهي ۽ ڪجهہ حصي تي ڳوٺ امراڻي ٻڌو ويو آهي، باقي جريب کن جيترو حصو بچيو آھي. ھتان مليل وٿن ۾ ڪَنا، مُٽڪا، ٿالهيون، چوڙين جا ٽڪر، چلمن جا ترا، ڏيئا وغيرہ شامل آھن. هي دڙو 100 ميٽر ڊگهو 50 ميٽر ويڪرو ۽ زمين جي مٿاڇري کان 2 ميٽر اوچو آھي. ھن جي کوٽائي نہ ٿي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو