ڪاروهر دڙو

ڪاروهر دڙو (ماڳ): سنڌو تھذيب جو هي قديم ماڳ قنبر-شھدادڪوٽ ضلعي ۾، تازو ڪيل کوٽائيءَ جي نتيجي ۾ منظر عام تي آيو آهي. هي دڙو، قنبر کان اٽڪل 30 ڪلوميٽر اتر طرف، غيبي ديري واري ايريا-ايف بي بند جي اندر ، تعلقي قنبر جي ديھه ’ڪاروهر‘ ۽ يونين ڪائونسل غيبي ديري جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هي دڙو جيئن تہ آرڪيالاجي کاتي جي رڪارڊ تي موجود آهي، تنھن ڪري قديم آثارن جي ماهرن جي توجهه جو مرڪز پئي رهيو آهي. شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جي آرڪيالاجي شعبي جي عملي هن ماڳ تي تحقيق ڪندي 25 جنوري 2021ع کان 20 فيبروري 2021ع تائين کوٽائي ڪري، قديم دور جو ٺڪراٺو هٿ ڪيو آهي. شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي شعبي ۽ ثقافت کاتي، سنڌ جي سھڪار سان هيءَ تحقيقي رٿا شروع ڪئي وئي آهي. ڪاروهر دڙي جي کوٽائيءَ بعد ماهرن جي راءِ موجب هي هڪ واپاري ۽ موهن جي دڙي جو همعصر شھر هو. شھر جي جوڙجڪ مان گودامن ۽ ٻين شين کي ذخيرو ڪرڻ جا چٽا نشان مليا آهن. هي دڙو اهڙي رستي تي واقع آهي، جتان آڳاٽي زماني ۾ قافلن جو گذر ٿيندو هو، تنھن ڪري هن شھر ۾ سٺو وڻج واپاري هلندو هو. هن دڙي جي کوٽائيءَ مان ٺڪر جا ٿانو مليا آهن. ان کانسواءِ ٽامي، عقيق، نيلم، ڪوئلي، هاٿيءَ جي ڏندن مان ٺھيل عاج جا زيور، چوڙيون، تاج ۽ ٻين شين جو ٺڪراٺو وغيرہ مليو آهي. هن ماڳ جي کوٽائيءَ جي شروعات ۾ ئي آثار قديمہ جي ماهرن کي سٺا نتيجا مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو