
ڪارا مرچ
ڪارا مرچ: هي گرم مصالحي جو هڪ وکر آهي، جنھن کي مريون بہ چيو ويندو آهي. ان کي انگريزيءَ ۾ Black Pepper ۽ نباتاتي زبان ۾ Piper nigrum چيو وڃي ٿو. هن مصالحي جو ٻوٽو مالابار ۽ ڪوچن (هندستان) ٿيندو آهي. ان کانسواءِ بورنيو، سوماترا، جاوا، سيام، ويسٽ انڊيز ۽ هندستان جي ڏکڻ، اولھه جي علائقن ۾ بہ وڏي پئماني تي پوکيو وڃي ٿو. هي ڪاري رنگ جا ننڍڙا، گول داڻا ٿين ٿا، جن جي مٿين سطح کھري ۽ اندر ملائي رنگ جو اڇو گودو ٿئي ٿو. هن جو ذائقو ترش ٿئي ٿو. ان جو استعمال نظر جي بينائي وڌائڻ، هاضمي کي درست ڪرڻ، بخار، ڪمزوري ۽ الٽين ۾ انتھائي مفيد سمجهيو وڃي ٿو. هن جو استعمال 4 قبل مسيح کان ٿيندو پيو اچي. ننڍي کنڊ ۾ تاريخي حوالي سان هن مصالحي کي گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. ان ڏس ۾ ڳچ عرصي تائين ٻين ڪيترن ئي مصالحن سميت ڪارن مرچن وغيرہ عيوض هندستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا قائم رهيا.