ڪائنات ٿيٻو

ڪائنات ٿيٻو

ڪائنات ٿيٻو

ڪائنات ٿيٻو: ڪائنات ٿيٻو جو جنم 22 اپريل 1993ع تي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. 2016ع ۾ هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور مان گريجوئيشن ۽ 2022ع ۾ بيڪن هائوس نئشنل يونيورسٽي لاهور مان فلمسازي ۽ ٽي وي پراڊڪشن جي شعبن ۾ ايم ايس جون ڊگريون حاصل ڪيون. 2016ع ۾ لوڪ ورثا اسلام آباد ۾ وڊيو پروڊيوسر طور ڪم ڪندي، هن ڪيتريون ئي ثقافتي دستاويزي فلمون تيار ڪيون. ان کان علاوہ ساڳئي سال هن پي ٽي وي ورلڊ تي بہ وڊيو پروڊيوسر طور Folk Beats پروگرام جون ڪيتريون ئي قسطون پيش ڪيون. 2017ع ۾ پاڪستان نئشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ڪم ڪيو. 2018ع کان 2023ع تائين انسٽيٽيوٽ آف آرٽ ائنڊ ڪلچر (IAC) جي ذيلي اداري، ‘اسڪول آف ڊجيٽل ائنڊ سينيماٽڪ آرٽ لاهور’ ۾ پھرين اسسٽنٽ پروفيسر ۽ پوءِ ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪيو. کيس ڪيترائي ايوارڊ بہ مليا آهن. سندس مشھور مختصر فلمن ۾: ’او پرين‘ (2016ع)، ’ماسٽر سليم‘ (2020ع، ڊاڪيومينٽري، OIC ايوارڊ يافتہ)، ’وائرل‘ (2021ع، هندستاني فلمسازن سان گڏ) ۽ ٻيون مشھور آهن. هن جي ٺاهيل دستاويزي فلم Made with Love کي ڊبليو آءِ ايف ايف پاران 2024ع ۾ بھترين فلم جو ايوارڊ مليو. ”ميڊ وِٿ لو“ هڪ سنڌي دستاويزي فلم آهي.


لفظ ڪائنات ٿيٻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.04.22  عيسوي

ڪائنات ٿيٻو جو جنم 22 اپريل 1993ع تي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

توقير فاطمہ ڀٽو
ابراهيم کرل
آچر پاڪستاني
رمضان ساريو
پير نعمت ﷲ قريشي
خدابخش ’ناشاد‘
بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي
پير حسن آري
صادق حسين قريشي
ابڙو طارق عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون