کھڙا: سنڌ جو تاريخي شھر آهي، جيڪو ضلعي خيرپور تعلقي گمبٽ ۾ واقع آهي. هي شھر خيرپور کان ويھن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن شھر ۾ مخدوم عبدالرحمٰن شھيد رحه جي درگاهه به آهي. هن درگاهه جي احاطي ۾ سندس وڏن بزرگن سميت 221 شھيدن جون مزارون موجود آهن، جيڪي مخدوم عبدالرحمٰن سان گڏ نور محمد ڪلهوڙي جي فوج هٿان شھيد ٿيا هئا. هر سال مخدوم عبدالرحمٰن شھيد رحه جي عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۽ سگهڙ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو آهي.