کڙڪ ڏيڻ

کڙڪ ڏيڻ (رسم): نانگ بلا جي ڪکيل جو علاج هاڻي عام ٿي ويو آهي، جڏهن جديد علاج عام نه هو ۽ زهر گهٽائڻ جي لاءِ ويڪسين ايجاد نه ٿي هئي، تڏهن ماڻهو نانگ بلا جي ڪکيل جو علاج ٽؤڻن، ڦيڻن سان يا زهر چوسڻ جي طريقن سان ڪندا هئا. آڳاٽي دؤر کان هند ۽ سنڌ ۾ ’گوگو‘ نانگ بلائن جي پير طور مشھور آهي، جنھن جا ڀوپا ٻه ٽي ڏينھن ٽوڻا ڦيڻا ڪري جهاڙون هڻي، آخر ۾ ڪکيل کي ميٽ سان وهنجاريندا هئا، انهيءَ رسم کي کڙڪ ڏيڻ چئبو هو. هاڻي اها رسم ختم ٿي ويئي آهي.


لفظ کڙڪ ڏيڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو