
کڙتال
کڙتال: ’کڙتال‘ هڪ ساز آهي جيڪو انب، شيشم، ٻٻر وغيره جي ڪاٺ جي مستطيل ٽڪرن مان ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو اٺ انچ کن ويڪرو ٿيندو آهي. انهن ٽڪرن کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي هڪٻئي سان ٽڪرائبو ته ان مان ٽڪ ٽڪ جو آواز پيدا ٿيندو آهي. اها ڪماچي ۽ سارنگيءَ جي سنگت تي دهل سان گڏ وڄائبي آهي. ان کي وڄائڻ لاءِ تمام گهڻي مشق هجڻ لازمي هوندي آهي. چپڙي هڪ هٿ ۾ جهلي وڄائبي آهي، جڏهن ته کڙتال ٻنھي هٿن ۾ جهلي وڄائبي آهي.