کڏي وارو مدرسو

کڏي وارو مدرسو: انگريزن خلاف ماڻهن ۾ آزاديءَ جو جذبو ۽ تڙپ پيدا ڪندڙ ‘مدرسه عربيه مظھر العلوم ، کڏي’ جو بنياد جنگ آزاديءَ کان پوءِ مولانا عبدالله ميمڻ سنه 1884ع ۾، مولوي محمد سليمان ٻنوي، حاجي حسين ميمڻ، حاجي مھراڻ جي مدد سان وڌو. هتي مولانا محمد سليمان ٻنوي مولانا احمدين چڪوالي تعليم ڏيندا رهيا. مولوي عبدالله جو فرزند مولانا محمد صادق، جڏهن ديوبند مان اعلى تعليم حاصل ڪري واپس آيو، تڏهن مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو ۽ شھيد جي والد جي وفات (25 فيبروري 1914ع) کان پوءِ، ’مدرسه مظھرالعلوم‘ جو باقاعده انتظام سنڀاليو. هن انگريز سرڪار کان ملڪ جي آزاديءَ لاءِ مدرسي کي اھم مرڪز بنايو. هن اڳئين تعليمي نصاب ۾ تبديليون آڻي، ان کي نين تقاضائن موجب جوڙيو، جنھن جي ذريعي شاگردن جي تربيت ۾ اهم تبديلي آندي وئي. مدرسي ۾ دينيات جي تعليم سان گڏوگڏ رياضي، تاريخ، جاگرافي وغيره کي شامل ڪيو ويو. هي مدرسو نظرياتي طور جمعيت علماءِ هند جي شاخ طور ڪم ڪري رهيو هو. مولانا عبيدالله سنڌي 1939ع ۾ جلاوطنيءَ کان موٽڻ بعد سڄي برصغير ۾ شاهه ولي الله جي فڪر تي تعليمي نصاب ٺاهڻ جي ارادي سان هن مدرسي کي چونڊيو ۽ هتي ’بيت الحڪمت‘ قائم ڪري، درسگاهه جو سمورو تعليمي نظام مدرسه ديوبند جي طرز تي هلايو. هي مدرسو خلافت تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحيدگيءَ واري تحريڪ جو مرڪز رهيو. مولانا محمد صادق جي 1953ع ۾ وفات کان پوءِ مولانا فضل احمد مدرسي جو ٽيون مھتمم ٿيو. هن جڏهن 1962ع ۾ وفات ڪئي ته مولانا محمد صادق جو پٽ حافظ محمد اسماعيل مدرسي جو مھتمم ٿيو. 1980ع ۾ هن مدرسي مان ’الصادق‘ رسالو جاري ٿيو، جيڪو هر مھيني شايع ٿيندو پيو اچي. هن مدرسي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ الڳ انتظام ۽ هڪ لائبرري به قائم آهي، حافظ محمد اسماعيل جي وفات 1991ع ۾ ٿي، انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ محمود الحسن مدرسي جو مھتمم ٿيو.1997ع ۾ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ ’مدرسه عربيه مظھر العلوم‘ تي تحقيقي مقالو لکي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو