
کپرو
کپرو (شھر): ضلعي سانگهڙ جو شھر ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. اٽڪل 1800ع ڌاري، ناري جي ڪناري، لُھاڻن ۽ مُھاڻن گڏجي، هڪ ڳوٺ آباد ڪيو. اُن علائقي ۾ واريءَ جا ننڍا ننڍا دڙا ۽ ڀٽون موجود هيون، جن تي کِپَ جا ٻوٽا تمام گهڻا ٿيندا هئا. اِن ڪري هن ڳوٺ تي پھريائين کپ وارو ۽ پوءِ کپرو نالو پئجي ويو. ’کِپَ + رو‘ معنيٰ ’کِپَ وارو‘. هڪ ٻي روايت موجب: هن شھر جو نالو 1918ع ۾ مشھور واپاري سيٺ ’کپرو‘ جي ڪري پيو. ڳوٺ ۾ جڏهن آهستي آهستي ٻيا قبيلا آباد ٿيندا ويا، تڏهن هن ڳوٺ شھر جي شڪل اختيار ڪئي.
انگريز سرڪار 1932ع ۾ کپري کي تعلقي جو درجو ڏنو ۽ ان کي ٿرپارڪر سان ملايو. 1947ع ۾ جڏهن سانگهڙ ضلعو ٿيو ته کپري تعلقي کي سانگهڙ ۾ شامل ڪيو ويو. کپري شھر کي چئن طرفن کان لڳندڙ، ننڍا ننڍا شھر هن ريت آهن. اتر ۾ لوڻ کاڻ، سرينواري، ٽنڊو مٺا خان ۽ چوٽياريون، اولھه ۾ پيرونمل، هنڱورنو ۽ سنڌڙي، ڏکڻ ۾، ڦلھڏيون، گرهوڙ شريف، کاهي ۽ پٿورو، اوڀر ۾ هٿونگو، ڍليار، ڀٽ ڀائٽي ۽ غلام نبي شاهه واقع آهن. شھر ۾ اڪثريت سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي آهي. ڪن قبيلن ۽ ذاتين ۾ مارواڙي، سرائيڪي وغيره به ڳالهايون وڃن ٿيون.تعلقي جي مشھور درگاهن ۾: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، منٺار فقير راڄڙ، فقير غلام حيدر غازي، سيد ابراهيم شاهه، چنڱل ولي، سيد قادر بخش شاهه، لائق پير، روشن علي شاهه، ڀاڻ واريءَ، وحدت فقير نقرچ ۽ پکو پير شامل آهن.هتي جا مشھور ماڳ مڪانن ۾ آدم مري جو قبو، مائي ڄامان جي مسجد، رتوڪوٽ، سروٽن جو دڙو، ڳاڙهو ڀڙو، ڀائتي جو مقام، تليءَ وارو مقام، ڍير مٺو فقير لُنڊ، ڀاڙڪيليءَ ڀٽ، ساميءَ جي مڙهي، مئو جو قبرستان، ساماري لڳ ڀڙو، ڏيڌري واريءَ ڪنڊي، کنڀرو، دين پور، پراڻيءَ جوهيلي، مارئي جو مقام ۽ گهوٽ ڪنوار جو دڙو.پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشديءَ (سورهيه بادشاهه) جي مريدن کي قيد ۾ رکڻ لاءِ، انگريزن جيڪي لوڙها قائم ڪيا هئا، انهن مان هڪ مشھور لوڙهو کپري ۾ به ٺاهيو ويو هو. جيڪو سانگهڙ روڊ تي واقع هو. ان جي حدن ۾ موجوده لوڙهي وارو ڳوٺ، ڳوٺ حاجي محمد ابراهيم فقير هڱورجو ۽ ڊگري ڪاليج کپرو اچي وڃن ٿا. کپرو اڇڙي ٿر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دروازي جو درجو رکي ٿو.