
کِپ
کِپ (ٻوٽو): هن ٻوٽي کي انگريزيءَ ۾ Leafless Periploca ۽ لاطيني ۾ Periploca Aphylla چئبو آهي. هي ٻوٽو سنڌ جي وارياسڻ علائقن ۽ ڪوهستان ۾ گهڻو ٿئي ٿو. کپ جي ٻوٽي/ٻوڙي ۾ پاڙ کان مٿي سنھڙيون ۽ ملائم سائي رنگ جون تيليون ٿين ٿيون. هن جي ڏانڊين مان هڪ کير جھڙي رطوبت نڪري ٿي، جا سوڄ لاءِ اڪسير آهي. کپ ڪکاون گهر ٺاهڻ ۾ گهڻو ڪم اچي ٿي. گهر جي ڇتين ۽ ڇپرن، پيھن وغيره ۾ لڳائي ويندي آهي. ٻھراڙين ۾ پَٽ تي پکيڙي ان جي مٿان چادر وغيره وڇائي ماڻھو سمهندا به آهن. ڏڪار جي صورت ۾ مال جو گذران کپ تي هوندو آهي.