کٽڻهار ڀرت

کٽڻهار (ڀرت): کٽڻھار ڀرت جو هڪ قسم آهي جنھن ۾ گهڻو ڪري ڳاڙهو ۽ سائو ڀرت ڀريو ويندو آهي، جنھن ۾ ڪاري ڪشميري سان ننڍا گل ٺاهي پاسن کان پڪي آنڪ جو سُٽ لڳايو ويندو آهي، ٻاهر واري پاسي کان ’ٻنڌريا‘ يعني مُقي جا ريشا لڳايا ويندا آهن. ڪشميري سُٽ جي ٻن گلن جي وچ ۾ سنهيون ٽِڪون جوڙي پاسن کان مقي جون ماکيون لڳايون وينديون آهن. ان ڀرت جا مختلف قسم، کٽڻھار جي گهوڙي، کٽڻھار جي اڌڙي، ڪاتريو يا ڪتريون کٽڻھار، اٺ ٽاڙيو کٽڻھار ۽ سورنھن تاريو کٽڻھار وغيره آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو