کٽ

کٽ

کٽ

کٽ: کٽ کي کٽولو، منجو ۽ اردو ۾ چارپائي سڏيو ويندو آهي. عام طور سمھڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. کٽ ڊيگهه ۾ 6 کان 7 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 3 کان چار فوٽ هوندي آهي. هن ۾ چار پاوا جيڪي ماپ ۾ هڪ جيترا هوندا آهن، پاسن کان ٻه ڊگهيون ايسون پاون ۾ لڳل هونديون آهن. مٿي ۽ پيرن واري پاسي ۾ اوپرا لڳل هوندا آهن. پاوا، ايسون ۽ اوپرا ڪاٺ مان واڍو ٺاهيندو آهي، ڪي واڍا پاون تي ٽڪر يا اُڪر جو ڪم ڪري کٽ کي خوبصورت بڻائيندا آهن. کجي، پيش، رسي ۽ پٽاڙ سان واڻي ويندي آهي. پيرن واري پاسي هڪ کان ڏيڍ فٽ تائين رسي سان ڪشادي اڻت ٿئي، جيئن کٽ استعمال ڪرڻ ڪري ڍري ٿئي ته ٻيھر ڇڪي سگهجي. سنڌ ۾ کٽ جي خاص اهميت رهي آهي. سنڌ ۾ هالا جون جنڊيءَ واريون کٽون مشھور آهن. اڄ ڪلهه لوهه جون کٽون به استعمال ٿين ٿيون. لوڪ ادب ۾ کٽ جي حوالي سان ڪيئي چوڻيون ۽ پھاڪا پڻ مشھور آهن.


لفظ کٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو