کَٿو کٿي

کَٿو کٿي

کَٿو کٿي

کَٿو/کٿي: اُنَ مان ٺھيل گرم لوئي/چادر کي کٿو يا کٿي چئبو آهي. هي عام طور سياري جي مند ۾ تمام گهڻي سيءُ کان بچاءُ خاطر ماڻهو اوڍيندا آهن. کٿو سنڌ جي آڳاٽي صنعت آهي. رڍن جي اُن (وارن) کي پھريائين سٽي ڪٽي پاڻيءَ ۾ ڌوئي صاف ڪري پوءِ رنگ ڏئي ڪتب آڻبي آهي. کٿا گهڻو ڪري ٻن يا ان کان وڌيڪ رنگن جي ڌاڳن کي ملائي تيار ڪيا وڃن ٿا. هن وقت کٿو (لوئي) مشين تي به تيار ڪيو وڃي ٿو، پر معيار جي لحاظ کان هٿ جو تيار ڪيل کٿو/کٿي وڌيڪ پائيدار ۽ سھڻو ٿئي ٿو، آڳاٽي دؤر کان هن ڪم جون ننڍيون (کڏيون) صنعتون سڄي سنڌ ۾ موجود هيون، جيڪي مشيني دؤر کان پوءِ لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪيون آهن. موجوده وقت ۾ کٿن جو ڪم ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. عورتون گهرن ۾ سُٽ ڪتينديون آهن، جڏهن ته مرد انهيءَ ڪتيل سٽ مان کٿا (لويون) ٺاهيندا آهن. اهو ڪم آڏاڻي تي ڪيو ويندو آهي. ٿر جي ڳوٺ ٽاڀو مينگهواڙ، سينھار، سوري جو تڙ، ڍاڪلو ۽ ننگرپارڪر ۾ اڄ به ڪيترن ئي هنڌن تي آڏاڻا موجود آهن، جتي کٿا تيار ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو