
کيڻاٺي/کيڻائي
کيڻاٺي/کيڻائي (پکي): کيڻاٺي/کيڻائي کي انگريزي ۾ ڪامن مورهيتن Common Moorhen / Gallinula Chloropus چيو ويندو آهي. هي پکي ريل خاندان Roulade جي ڪٽنب مان آهي. هن کي گيلينيولا يا مارش هين به چوندا آهن. هي پاڻيءَ جو پکي آهي، جنھن جي جسامت 30 سينٽي ميٽر آهي. ڀوري ڪاري رنگ جي هن پکيءَ جي چھنب ڳاڙهي، ٽنگون ڊگهيون ۽ پيرن جا چنبا سائي رنگ جا هوندا آهن، جن جي پاسن کان اڇا چٽ ٿين ٿا. نر ۽ ماديون ساڳئي رنگن جون هونديون آهن. هن پکيءَ جو اصل ديس آسٽريليا ۽ سائبيريا آهي پر سنڌ جي مکيه ڍنڍن، منڇر يا ڪينجهر تي به ملن ٿا. ان کانسواءِ سنگاپور، انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به هي پکي موجود آهي. لاطيني ٻوليءَ ۾ هن کي ’ننڍي مرغي‘ چئبو آهي. هي، ڪوٽ (Coots) پکيءَ جو ويجهو مائٽ آهي. گلگت بلتستان کان علاون پاڪستان جي ٻين ڍنڍن تي به رهي ٿو. اردوءَ ۾ هن کي ’جل مرغي‘ به چئبو آهي.