
کيکڙو
کيکڙو (گاڏي): ٿر جي ريگستاني رستن تي هلندڙ کيکڙي کي ڪيڪڙو، ڇڪڙو، لاري ۽ جي ايم سي پڻ سڏيو ويندو آهي. کيکڙو بنيادي طور ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ استعمال ٿيندڙ آمريڪا جي ڪمپني جنرل موٽر ڪارپوريشن جي فوجي ٽرڪ آهي، جيڪا جنگ جي خاتمي کان پوءِ نيلام ٿي ٿر ۾ پھتي. ٿر ۾ پھريون ڀيرو کيکڙو گاڏي 1952ع ڌاري ميرپورخاص جي رهواسي حاجي خان آندي هئي. ان گاڏي جا چار ٽائر هئا، سامونڊي جيوت کيکڙي جي شڪل سان مشابھت جي ڪري هن جو مقامي نالو ’کيکڙو‘ رکيو ويو. 1953ع ڌاري جرمنيءَ جي هڪ ڪمپنيءَ جون ساڳي نموني جون فوجي ٽرڪون نيلام ٿيون، جن جا ڇھه ٽائر هئا، ٿر ۾ ڇھن ٽائرن واري گاڏي کي ڇڪڙو سڏيو ويو. ان کانپوءِ مقامي سرندي وارن ماڻھن به دلچسپي ورتي ۽ کيکڙي جي شروعاتي پيٽرول انجڻ هوندي هئي، هٿ سان اسٽارٽ ڪيو ويندو هو، گاڏي روڪڻ جي لاءِ هٿ سان ڇڪڻ واري بريڪ هوندو هئس. وقت گذرڻ سان گاڏي ۾ ڊيزل انجڻ لڳائي وئي، اهڙي ريت فورڊ، راڪيٽ، ڪارگو رويو، نشان ۽ هينو ڪمپنين جون انجڻون کيکڙي ۾ لڳائي گاڏي کي طاقت ور بڻايو ويو . مقامي هنرمندن نيلامي آندل کيکڙي گاڏي ۾ نه رڳو پنھنجي ذهانت سان انجڻ وغيره جي مشنري ۾ تبديلي جا تجربا شروع ڪيا. پر کيکڙي کي مضبوظ ڪرڻ جي لاءِ پھرين پراڻي چيچيز کي کولي ٻيڻو ڪري اُن تي گاڏيءَ جي باڊي رکي، اُن تي ڪاٺي جون پٽيون لڳائي مضبوط بڻائي کيکڙي کي ٻن قسمن ۾ تبديل ڪيو. هڪ کيکڙو بار ڍوئڻ جي لاءِ تيار ڪيائون، جنھن کي مقامي نالو ’لوڊنگ کيکڙو‘ ڏنو ويو. جنھن ۾ ڊرائيور سيٽ سان گڏ ٻيا ٻه ماڻھو به ويھي سگهندا آهن. جڏهن ته باقي سڄو حصو لوهه ۽ ڪاٺ جو ٺھيل هوندو آهي. جيڪو سمورو کليل هوندو آهي. جنھن ۾ علائقي واسين لاءِ ضرورت جو سامان سٿي ڀريو ويندو آهي. انھي جي مٿان وري مسافر ويھندا آهن. لوڊنگ کيکڙو لڳ ڀڳ 16 ٽنن تائين بار کڻي سگهندو آهي. انھي جي پٺئين حصي کي ڊالو چوندا آهن. ڊالي جي ڪاٺ وارين پٽين تي مسافر وهندا آهن. کيکڙي جي ٻئي قسم کي مسافر کيکڙو چيو ويو. جنھن ۾ ڊرائيور سيٽ کانسواءِ ٻه اضافي سيٽون هونديون آهن. هڪ کي اپر سيٽ ۽ ٻي کي ليڊيز سيٽ سڏيو ويندو آهي. مسافر کيکڙي ۾ ڊرائيور سان گڏ هڪ مسافر لاءِ ننڍڙي سيٽ پڻ هوندي آهي، جنھن کي ’رانگ سائيڊ‘ چيو ويندو آهي. کيکڙي ۾ ٻه گيئر ليور ٿيندا آهن، جن مان هڪ کيکڙي جي اسپيڊ ۽ انهي تي ضابطي لاءِ هوندو آهي، ٻيو کيکڙي جي ڀٽ تي چڙهڻ مھل استعمال ٿيندو آهي. جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ساڄي پاسي کان ويٺل مسافر جو سھارو ورتو ويندو آهي. ڇڪڙن جي مسترين ۽ باڊي ميڪرن نئون ڪوٽ، مٺي ۽ عمرڪوٽ کي کيکڙن جي ٺھڻ جو مکيه مرڪز بڻايو.. مقامي مسترين کيکڙي مان ٿر جي بس ۽ ڊمپر پڻ ٺاهيا، سڀ کان پهرين 1998ع ۾ مستري راڻي مل ريگستاني مٺي ۾ کيکڙي جي چيچيز تي بس ٺاهي، جيڪا کيکڙي وانگر وارياسي رستن تي هلڻ لڳي. پوءِ ٻين مسترين پڻ کيکڙو بسون ٺاهيون، هاڻي لانگ جيپن مان ننڍڙا کيکڙا تيار ڪيا ويا آهن.
کيکڙو 1953 کان 2000ع تائين ٿر جي سماجي معاشي ۽ ثقافتي ڍانچي تي ڇانيل رهيو، ٿر ۾ روڊن جو ڄار وڇائجڻ کان اڳ ماڻهو کوکرا پار، ڪنري ۽ نئون ڪوٽ جي ريلوي اسٽيشن تي لھي کيکڙي ۾ چڙهندا هئا. ٿر جي ڳوٺن مان باراني فصل توڙي چوپايو مال پڻ منڊي تائين کيکڙن جي ذريعي پھچندو هو. کيکڙي جي سواري تي نه رڳو لوڪ گيت سرجيا ويا، پر جديد شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن پنھنجين تخليقن ۾ کيکڙي کي ڳايو. ٿر جي پسمنظر ۾ پيش ڪيل ڊرامن ۾ پڻ کيکڙو ڏيکاريو ويو آهي.