کيڙن واري ڍنڍ
کيڙن واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ درياهه جي گس مٽائڻ سبب وجود ۾ آئي. هن وقت ان کي بئراج وسيلي پاڻي مھيا ڪيو ويندو آهي. هن ڍنڍ تي ڏيھي پکين سان گڏ سياري ۾ پرڏيھي پکي به لھندا آهن ۽ مڇي پڻ گهڻي ٿيندي آهي، هن ڍنڍ جي نيلامي مقامي سرڪار ڪندي آهي.